ذوالفقار جونيئر سنڌ جو نئون اميد وارو چهرو

تحرير: مومل پنهور

هو ڄاڻي ٿو ته آزاد فضا ڇا هوندي آ. کيس خبر آهي ته زمين تي رهي ڪيئن آسمان ڏانهن اڏام ڀرڻي آ. دلين ۾ جاءِ ٺاهڻ کيس به خوبي سان اچي ٿو. سندس قد ڪاٺ ۽ ڇا سندس عاجزي، هٿن ۾ ڌاڳا، مٿي تي اسرائيلي رومال، زبان تي "يا علي” جي صدا ۽ دل، دل ۾ هر وقت سنڌ ڌڙڪي پئي. سندس هر ادا ۾ درويشي جهلڪي پئي آءُ ڳالهه ڪيان پئي سياست ۾ اڀرندڙ نئين چهري جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي، جنهن سنڌ توڙي پاڪستان جي سياست ۾ انٽري ڏئي غريب ۽ مايوس ماڻهن کي نئين اميد ڏني آهي. سندس پنهنجائپ ۽ دوستاڻي رويي سڄي سنڌ کي متاثر ڪيو آهي ۽ هن وقت سڀني جون نظرون جونيئر ڀٽو تي آهن.

خانداني پس منظر ۽ تعليم

جونيئر ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو پوٽو ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو اڪيلو والي وارث آهي. هن آمريڪا مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ "سان فرانسسڪو انسٽيٽيوٽ آف آرٽ” مان ماسٽر آف فائن آرٽس (MFA) جي ڊگري ورتي.وڏي عرصي بعد هو ملنگ واري روپ ۾ سامهون آيو، سندس اهڙي روپ ۽ خاص طور تي وائرل ٿيل ڊانس جي وڊيو سنڌ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. ڇو ته هو هڪ رائل فيملي سان تعلق رکي ٿو، هڪ اهڙي سياسي گهراڻي سان جنهن جا سڀئي فرد پاڪستان جي سياست ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندي شهيد ٿي ويا.

نظريا ۽ خيال

جونيئر ڀٽو 2019ع ۾ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته کيس سياست ڪري مرڻو ناهي. پاڪستان جي سياست اسان کي صرف نقصان ڏنو آهي. هن چيو ته جيستائين عوام پنهنجن حقن لاءِ نه ڳالهائيندو، تيستائين هو اڳيان نه ايندو. موروثي سياست جي هاڻ ڪا به جاءِ ناهي، هر ماڻهو کي اڳيان اچڻو پوندو.

هن اهو به چيو ته کيس پنهنجي وطن واپس اچڻو هو ڇو ته هو ٻاهر رهندي اڪيلائي محسوس ڪندو هو. کيس پنهنجي سنڌ ۽ ماڻهن جي وچ ۾ اچڻو هو. جونيئر ٻڌايو ته هو سنڌي ٻولي به سکڻ لڳو آهي ڇو ته سندس والد مير مرتضيٰ ننڍپڻ کان کيس چوندو هو ته پنهنجي مادري ٻولي سکڻ ضروري آهي. سندن گهر ۾ سنڌي ٻولي پڻ ڳالهائي ويندي هئي.

سماجي ڪم ۽ خدمتون

سنڌ ۾ هن جو پهريون ڪم "انڌي ٻلهڻ” کي بچائڻ هو. هن پنهنجي فائونڊيشن جوڙي، جيڪا خاص طور تي سنڌ جي درياهه ۾ موجود ناياب دريائي ڊولفن "Indus River Dolphin” (Platanista gangetica minor) جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.هي ڊولفن دنيا جي ناياب قسمن مان آهي جيڪا رڳو سنڌو درياهه ۾ ملي ٿي. آبي آلودگي، پاڻي جي گهٽتائي ۽ غير قانوني شڪار جي ڪري ان مڇي جي نسل کي خطرو آهي. جونيئر جي تنظيم مقامي برادري کي آگاهي ڏيڻ، پاڻي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ ڊولفن جي هنڌن کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهي.ان کان علاوه به جونيئر جانورن سان گهڻو پيار ڪري ٿو، سندس دل حساس آهي. ٻوڏ دوران هن عام ماڻهن لاءِ گهڻو ڪم ڪيو، متاثر ماڻهن لاءِ ڊونيشن گڏ ڪئي ۽ انهن جي مدد ڪئي.

سنڌو درياهه لاءِ جدوجهد

جونيئر ڀٽو درياهه سنڌ تي ٺاهيل غير قانوني ڪئنالن جي سخت مخالفت ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته سنڌو درياهه اسانجي "سنڌو ماتا” آهي ۽ ان تي ڪئنال ٺاهڻ سنڌين لاءِ موت برابر آهي.هو مسلسل احتجاج ڪري رهيو آهي. تازو هن سکر بئراج وٽ هڪ وڏي ريلي ڪڍي جتي هن چيو ته "اسان حيدرآباد ۾ به ريليون ڪڍيون، پر حڪومت ڪو ڌيان نه ڏنو. هاڻ مجبور ٿي ڌرڻا به هنيا ويندا.” سندس سڏ تي هزارين ماڻهو درياهه تي گڏ ٿيا، جيڪو سندس اثر جو ثبوت آهي.

سياست ۾ انٽري

جونيئر ڀٽو هاڻي باقاعدي طور تي سياست ۾ انٽري ڏئي چڪو آهي، پر پاڻ کي اڃا تائين هڪ سوشل ورڪر سڏيندو آهي. هو چوي ٿو ته: "آءُ سنڌ لاءِ وڙهندس، سنڌين لاءِ وڙهندس، پنهنجي درياهه لاءِ وڙهندس.”سندس سياست ۾ اچڻ سان سنڌ جي روايتي سياسي قيادت لاءِ چئلينج پيدا ٿيو آهي، خاص طور آصف زرداري لاءِ

شخصيت ۽ عوامي اثر

ذوالفقار جونيئر ڀٽو مختصر وقت ۾ ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. سندس سادگي، عاجزي ۽ محبت ڀريو رويو سندس سڃاڻ آهي. ساڻس ذاتي ملاقات دوران مونکي لڳو ڄڻ ڪنهن قلندر سان ملاقات ٿي، سندس هر انداز مان سنڌيت جهلڪي رهي هئي.جونيئر ڀٽو سان ملاقات هڪ يادگار لمحو رهيو. سندس پنهنجائپ، نياز نوڙت، ادب ۽ عاجزي ڏسي مونکي احساس ٿيو ته هو حقيقي ڀٽو آهي. اصلي ۽ نقلي ڀٽي جو فرق صاف نظر آيو.

اميدن جو مستقبل

سنڌ جو عوام زرداري خاندان کان بيزار آهي ۽ هاڻ جونيئر ڀٽو تي اميدن جون نگاهون رکي ويٺو آهي. جونيئر سياست جي نئين دور جي شروعات ڪري چڪو آهي. ڏسجي ته هي ”قلندر ڇوڪرو“ ڪيئن عوام کي هن فرعوني نظام کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو ۽ سنڌ لاءِ هڪ نئين صبح   شروعات ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.