لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي روپوش اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ميان اسلم اقبال جي اوطاق مان هڪ لاش هٿ آيو آهي.
ذريعن موجب، ميان اسلم اقبال جي اوطاق جي هڪ ڪمري مان اٽڪل 40 ورهين جي شخص جي لاش مليو آهي، جنهن تي پوليس ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو آهي.
ايف آءِ آر موجب، فوتي شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، پر شروڳاتي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب، ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اماڻيو ويو آهي.
You might also like