دبئي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم جي نوجوان اسپنر ابرار احمد ۽ ڀارتي صحافي وچ ۾ سخت سوالن جوابن جي ڏي وٺ ٿي.
گذريل ڏينهن دبئي ۾ کيڏيل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ميچ ۾ ڀارت هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
ڀارت طرفان ويرات ڪوهلي شاندار سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ٻه ۽ ابرار احمد هڪ وڪيٽ ورتي.
ميچ کانپوءِ ابرار احمد جو چوڻ هو ته وڪيٽ وٺڻ کانپوءِ خوشي جو اظهار سندس انوکو انداز آهي ۽ هو هر ميچ ۾ ائين ئي جشن ملهائيندو آهي.
ان تي ڀارتي صحافي ابرار احمد کي چيو ته اوهان کي جشن ملهائڻ وارو انداز ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، جنهن تي ابرار احمد حيران ٿيندي پڇيو اهو ڪيئن ڀلا؟
ڀارتي صحافي وراڻيو ته اوهان ميچ هارائي ويا، جنهن تي ابرار احمد اعتماد سان جواب ڏنو ڪا ڳالهه ناهي، راند ۾ هار کٽ ٿيندي آهي.
اسپنر چيو ته مايوسي ضرور ٿي، اسان جي دل تي ڇا گذريو، اهو الله ئي ڄاڻي ٿو.
هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته بيٽرز محتاط بيٽنگ ڪئي، پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ خاص تياري نه هئي، رڳو ڊسپلين سان بالنگ ڪئي.
You might also like