هيوسٽن (امتياز چانڊيو)مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ جوابدار ارمغان جي گهر مان ڊالرن جا بيگ ڏسي اي وي سي سي جوابدار کي مهمان بڻائي ڪيس اينگهائي ڇڏيو، اي وي سي سي جي ايس ايس پي کي اڃا تائين بچايو پيو وڃي،اڳُوڻي ايس پي نياز کوسو چيوآهي ته اگر مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ جوابدار مقتول جي والده کي فون ڪري ڀنگ نه گهري ها ته شايد اهو معاملو ڪڏهن ٻاهر اچي ئي نه ها. پوليس پاران جاچ نه ڪرڻ جو مقصد آهي ته ايندي ئي ڊيل ٿي وئي آهي. جوابدار کي وي پي آئي پي پروٽوڪول ڏئي بلڪل وي آئي پي طريقي سان رکيو ويو.ڪنهن به کيس هٿ نه لاتو. اي وي سي سي ۾ هن سان سي پي ايل سي سان ملڻ نه پئي ڏنو ويو،هن چيو ته اي وي سي سي جو ايس ايس پي انيل حيدر جيڪڏهن ڊاڪٽر هجي ها ۽ ڪنهن ماڻهو کي گولي لڳي ها ته ان کي چوي ها ته ڇنڇر ۽ آچر تي توهان جو علاج نه ڪندس،ٻه ڏينهن منهنجون موڪلون آهن،هن کي ڇنڇر تي جوابدار مليو ته ايس ايس پي ان کان پڇاڳاڇا ئي نه ڪئي، ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران اتان پيسن جا بيگ کنيا ويا آهن. جوابدار جو پيءُ به اها دانهن ڪري ٿو هن ڪيس جا ٻه پاسا آهن هڪ ڪرمنل ۽ ٻيو فنانشل.ڪال سينٽر لاءِ ايف آئي اي آهي.ان کي گهرائجي ها. اتان منشيات ملي ته اي اين ايف کي گهرائجي ها.هڪ ئي وقت ٽي ادارا ان جي پويان پون ها. هڪ اداري سڀ شيون پنهنجي هٿ ۾ رکيون.اها ڳاله پڌري ٿي وئي آهي ته هنن جي نااهلي ڪري ڪري ڪيس ۾ دير ٿي ۽ ڪيس خراب ٿيوآهي، هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ظفر راجپوت اهڙي جج کي برداشت نه ڪندو جيڪو عدليه جي ساک کي خراب ڪري اهڙي حد تائين وڃي.جڏهن هڪ ڏوهاري اي وي سي سي لاءِ چوي ٿو ته سٺو ادارو آهي ته اي وي سي سي ان خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ هن چيو ته ارمغان ڪو خانداني امير ناهي هن وٽ موٽرسائيڪل ۾ پيٽرول ڀرڻ جا پيسا نه هوندا هئا.سندس والده کي والد طلاق ڏئي ڇڏي هئي.هي ڪال سينٽر ۾ ڪم ڪندو هيو ذهين هيو هن پنهنجو ڪال سينٽر کولي ورتو.جڏهن پيسو آيو ته وري والد کيس ٻيهر جوائن ڪيو.هي ڪنهن ٻئي شهر ۾ هجي ها ايئن مقابلو ڪري ها ته مارجي وڃي ها پر ڊفينس ۾ پوليس الڳ آهي،ارمغان بلوچستان مان منشيات کڻي ايندو هو،هن کي اتان جي سمورن رستن جي خبر آهي،ان ڪري هن اتي وڃي گاڏي ساڙي،جوابدار بلوچستان ۾ ان ڪيس ۾ چالان ٿيو ته کيس ناني ياد اچي ويندي،بلوچستان ۾ سنڌ کان وڌيڪ بهتر عدالتون آهن،اتي عدالتن جي نگراني ٿئي ٿي،اتي اهڙن ڪيسن ۾ آساني سان ضمانت ناهي ملندي،هاڻي سنڌ پوليس جي ڪوشش آهي ته جوابدار بلوچستان نه وڃي، هن چيو ته آءِ جي ان معاملي تي ناراض ٿيوآهي.پوري اداري جي ساک خراب ٿي وئي آهي.هن چيو ته بڪتر بند گاڏي ۾ اهڙي ڏوهاري کي وٺي اچڻ معني ان کي زرداري صاحب جيترو اسٽيٽس ڏنو ويوآهي جو اڳ صرف انهن کي آندو ويندو هئو.وڏي سياستدان وارو اسٽيٽس. هن ڪيس ۾ هڪ ٻي ڇوڪري آهي تانيا جنهن کي به ارمغان ڏاڍو ماريو هيو.اتي بلڊ سيمپل جيڪي مليا آهن انهن مان هڪ تانيا جو آهي جيڪا هن مهل تائين غائب آهي ان ڇوڪري کي به ڳولڻو پوندو.
ايس ايس پي پاران ارمغان جي گهران راڊ هٿ اچڻ جي ترديد
ڪراچي (رپورٽر) مصطفيٰ اغوا ۽ قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايس ايس پي انيل حيدر چيو آهي ته ارمغان جي ڪال سينٽر تي ڪهڙا ڪم ٿيندا هئا ان بابت جاچ ايف آءِ اي ڪندي، اسان ڀنگ لاءِ اغوا جي جاچ ڪئي آهي. منشيات جو معاملو ايس آءِ يو کي ڏنو ويو آهي، هٿيارن بابت سي ٽي ڊي جاچ ڪندي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي جوابدار ارمغان جي گهر مان تشدد ۾ استعمال ٿيل راڊ يا هٿيارن بابت ايس ايس پي چيو ته اهڙي قسم جي جيڪا به شئي هٿ ايندي آهي ان جي شريڪ جوابدار کان به شاهدي ورتي ويندي. ٻيهر سوال ڪرڻ تي هن چيو ته قتل لاءِ استعمال ٿيل هٿيار اڃا تائين ناهي مليو، جيڪڏهن مليو ته ان کي جاچ جو حصو بڻايو ويندو. هن چيو ته ارمغان ۽ مصطفيٰ گهڻين ڇوڪرين سان رابطي ۾ هئا اسان سڀني سان رابطا ڪري موقف ورتو آهي پر سندن نالا ظاهر ڪرڻ سان بدنامي ٿيندي ان جي ڪري حتمي ڳالهه ڪنداسين.
ارمغان جي اڪائونٽ مان 24 بٽ ڪوائن غائب،ساڍا ٽي لک ڊالر به هڙپ
اوٽاوا(حنيف دوامي) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جي اڪائونٽ مان 24 بٽ ڪوائن غائب ٿيڻ جوانڪشاف ٿيوآهي.ٻئي پاسي ڪلفٽن ، درخشان سميت آسپاس جي علائقن ۾ منشيات وڪري ۾ ملوث وڏن وڏهن ماڻهن جي پٽن نياڻين کي گرفتار ڪرڻ ۽ رشوت عيوض آزاد ڪرڻ وارو سلسلو به شروع ٿي ويوآهي.هن ڪيس ۾ پوليس جي اهم ترين شخصيت کي بائي پاس ڪري ٽن اهم شخصيتن ٽرائيڪا بڻائي ورتوآهي.ڇاپي دوران جيڪي ليپ ٽاپ کنيا ويا هئا انڪشاف ٿيوآهي انهن مان ارمغان قريشي جو ليپ ٽاپ پراسرار نموني گم آهي. پوليس ان ليپ ٽاپ کان انڪاري آهي،ان ليپ ٽاپ ۾ موجود اڪائونٽ ۾ 150 بٽ ڪوائن موجود آهن مبينه طور 24 بٽ ڪوائن گم ڪياويا آهن جيڪي پاڪستاني 72 ڪروڙ روپين جا ٿين ٿا. سي آئي اي وارا انڪاري آهن ته اسان وٽ ڪو ليپ ٽاپ ناهي.اتان هڪ بيگ کنيو ويو هيو جنهن ۾ ساڍا ٽي لک ڊالر موجود هئا اهي به مبينه طور پوليس وارا کڻي ويا آهن.ان کان علاوه ڇوڪري (م) جي چاچي کان 18 ڪروڙ روپيا رشوت پوليس وٺي چڪي آهي.پوليس پاران ارمغان جي والد ۽ چاچي کي گرفتار ئي ناهي ڪيوويو جيڪي ڏوهاري جا سهولتڪار ٿي سگهن ٿا واقعي ۾ زخمي ٿيل ڊي ايس پي کي گهران سڏيو ويو هيو جيڪو ايندڙ مهيني ريتائر ٿيڻ وارو آهي زخمي ٿيڻ بعد سندس سار ئي ناهي لڌي وئي.
مصطفيٰ عامر جي جنازي نماز ادا، قاتلن کي ڦاهي تائين پهچائينداسين: پيءُ
ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي جي مقتول مصطفيٰ عامر جي جنازي نماز ڊفينس جي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي ۽ ڊفينس فيز 8 جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي. جنازي ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. قبرستان ۾ مقتول جو پيءُ به موجود هو. مقتول مصطفيٰ عامر جي پيءُ چيو ته ميڊيا تي هلندڙ ڪيترين ئي خبرن ۾ سچائي ناهي، ڪٿي به اهو ثابت ناهي ٿيو ته مصطفيٰ عامر کي پيسن جي ڏيتي ليتي تان ماريو ويو. هن ٻڌايو ته ارمغان کان مصطفيٰ جي مقبوليت برداشت نه پئي ٿي تنهن جي ڪري هن پٽ کي حسد ۽ ساڙ ۾ ماري ڇڏيو. هن چيو ته جوابدارن کي ڦاهي تائين پهچائڻ تائين ڪيس وڙهنداسين.
اداڪار جي پٽ جي گرفتاري تي ايليٽ ڪلاس ۾ ٿرٿلو
ڪراچي (رپورٽر) پوليس منشيات فروشن خلاف آپريشن تيز ڪري ڇڏيو آهي. اداڪار ساجد حسن جي پٽ جي گرفتاري کانپوءِ واپاري برادري، بيوروڪريٽن ۽ شوبز انڊسٽري ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. ذريعن موجب ايليٽ ڪلاس ۾ گڏجاڻين جي نالي تي منشيات جو واهپو عام ٿي ويو آهي. ساحر حسن جيان ٻين نالن جي به سامهون اچڻ جو امڪان آهي. اداڪار ساجد حسن جي پٽ ساحر حسن به اهم انڪشاف ڪري ڇڏيا. هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حراست ۾ موجود جوابدار چيو ته هو ٻن سالن کان منشيات وڪرو ڪري رهيو آهي، مصطفيٰ عامر آخري ڀيرو 4 جنوري تي منهنجي گهر منشيات خريد ڪرڻ لاءِ آيو هو. جوابدار موجب مصطفيٰ عامر جي گم ٿيڻ کان پوءِ 15 جنوري تي ارمغان ۽ شيراز منهنجي گهر آيا. ارمغان مون کان هڪ لک 33 هزار رپين جي منشيات خريد ڪئي. جوابدار ساحر حسن چيو ته مون وٽ موجود منشيات آمريڪي رياست ڪيليفورنيا مان پاڪستان آندي وڃي ٿي، منشيات ٻن خانگي ڪوريئر ڪمپنين ذريعي منهنجي در تي ملندي آهي، مون تائين ڪراچي ۾ منشيات پهچائيندڙ مک سپلائر اسلام آباد ۾ آهي. هن چيو ته هو بازل ۽ يحييٰ کان منشيات خريد ڪندو هو ۽ انهن کي پوش علائقن ۾ وڪرو ڪندو هو. ذريعن موجب، اداڪار ساجد حسن جي پٽ ساحر حسن کي ارمغان جي فون مان مليل ڊيٽا جي بنياد تي حراست ۾ ورتو ويو. ايس آءِ يو ڪيس داخل ڪيو، کيس اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.