حڪومت جو ملڪ ۾ سحري ۽ افطاري مهل بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري اعلان ڪيو آهي ته رمضان جي ڀلاري مهيني دوران سحري ۽ افطار مهل بجلي جي لوڊ شيڊنگ نه ڪئي ويندي.
سينيٽر محسن عزيز جي صدارت هيٺ سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جتي خاص مددگار محمد علي وضاحت ڪئي ته ڪنهن به آءِ پي پي تي دٻاءُ نه وڌو، اِهو تاثر غلط ناهي ته زبردستي ڪا ڳالهه مڃائي وئي.
سينيٽر شبلي فراز سوال ڪيو ته آءِ پي پيز جو فارنزڪ آڊٽ ڇو نه ڪيو ويو، جڏهن ته انهن کي اربين رپيا ادا ڪيا ويا؟
ان تي خاص مددگار چيو ته پاڪستان ۾ 50 کان 60 پلانٽس جو فارنزڪ آڊٽ ڪرڻ جي مهارت نه آهي ۽ اهڙي آڊٽ تي تمام گهڻو خرچ ايندو.
محمد علي جو چوڻ هو ته جيڪي آءِ پي پيز ڳالهين تي راضي نه ٿينديون، انهن جو فارنزڪ آڊٽ ڪيو ويندو.
هن ٻڌايو ته هڪ پلانٽ جو آڊٽ اڳ ۾ ئي جاري آهي ڇو ته اهو ڳالهين تي متفق نه هو.
شبلي فراز هڪ ٻيو سوال ڪيو ته ڇا آءِ پي پيز اوور انوائسنگ نه ڪئي؟
محمد علي جواب ڏنو ته بنا ثبوت جي اِها ڳالهه ثابت ڪرڻ ڏکي آهي، ڪجهه آءِ پي پيز فيول ۽ اِفشنسي جي نالي تي رقم حاصل ڪئي، پر فارنزڪ آڊٽ سبب اهي لندن جي ٽياڪڙي عدالت ۾ به وڃي سگهن ٿا. خاص مددگار چيو ته هنن 100 ارب رپيا ليٽ پيمنٽ سرچارج معاف ڪرايا آهن، جڏهن ته مجموعي طور 300 ارب رپيا ليٽ پيمنٽ سرچارج جي مد ۾ معاف ڪرائي رهيا آهيون.
توانائي واري وزير اويس لغاري اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آءِ پي پيز سان جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ان سان 1400 ارب رپيا فائدو ٿيندو ۽ اِهو رليف عوام تائين جلد منتقل ڪيو ويندو.
سولر انرجِي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سولر تي ڪو به ٽيڪس نه پيو لڳايو وڃي .
اويس لغاري چيو ته جون 2024 کان هنيئر تائين 4 کان 11 رپيا في يونٽ تائين بجلي سستي ڪري چڪا آهيون، بجلي قيمت ۾ مستقبل ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
هن وڌيڪ چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني دوران سحري ۽ افطاري مهل بجلي جي لوڊ شيڊنگ نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.