لاهور(م ڊ) رمضان المبارڪ جي آمد کان اڳ ئي لاهور ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌي ويا. انتظاميه منافع خورن جي من ماني آڏو بيوس نظر اچي ٿي ۽ رمضان المبارڪ کان اڳ ئي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ جاري آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب لاهور ۾ ڪجهه ڏينهن دوران انڊن جو اگهه 230 رپين مان وڌي 272 رپيا في درجن ٿي ويو آهي. ڇيلي جي گوشت جي قيمت ۾ 200 کان 2500 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي. وڏو گوشت 1100 رپين مان 1400 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ جو اگهه 124 رپين مان وڌي 155 ۽ 160 رپيا ٿي ويو آهي.