اسلام آباد( ع آ نيوز) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (FAFN) 2002ع کان 2024ع تائين پاڪستان جي چونڊن ۾ نمائندگي بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي.فافن موجب پاڪستان جا چونڊ نتيجا گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ بهتر نه ٿيا آهن. قومي ۽ صوبائي اسيمبليون چوٿين حصي کان به گهٽ رجسٽرڊ ووٽرن ۽ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي اڌ کان به گهٽ ووٽن تي هونديون آهن. رپورٽ ۾ فافن جو چوڻ آهي ته 2002ع کان 2024ع تائين 5 عام چونڊن ۾ نمائندگي جو خال رهيو آهي. 2002ع جي قومي اسيمبليءَ کي 20 سيڪڙو رجسٽرڊ ووٽرن ۽ 47 سيڪڙو ووٽن جي حمايت حاصل هئي، جڏهن ته 2008ع واري اسيمبليءَ کي 22 سيڪڙو رجسٽرڊ ووٽرن ۽ 50 سيڪڙو ووٽن جي حمايت حاصل هئي. فافن جي رپورٽ موجب 2013، 2018 ۽ 2024 جون اسيمبليون 26 سيڪڙو، 22 سيڪڙو ۽ 21 سيڪڙو رجسٽرڊ ووٽرن جي نمائندگي ڪن ٿيون، 2013، 2018 ۽ 2024 جون اسيمبليون 48 سيڪڙو، 43 سيڪڙو ۽ 45 سيڪڙو ووٽرن جي نمائندگي ڪن ٿيون. فافن چيو ته 2024ع جي چونڊن ۾ 265 مان ڪنهن به اميدوار کي اڪثريت رجسٽرڊ ووٽرن جي حمايت حاصل نه هئي، 2024ع ۾ 202 ڪامياب اميدوارن کي 25 سيڪڙو کان گهٽ رجسٽرڊ ووٽرن جي حمايت حاصل هئي، جڏهن ته 63 تڪن ۾ ڪامياب اميدوارن کي 25 کان 50 سيڪڙو ووٽرز جي حمايت حاصل هئي.