سينيٽري لاءِ 15، 15 ڪروڙ ڏنا ويا، سياستدانن جي مصلحت پسندي نقصان ڏنو : اچڪزئي

ڪراچي (رپورٽر ) . پختون خواہ عوامي ملي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن راجا اڪرم ۽ لطيف کوسا سان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سياستدانن جي مصلحت پسندي جمهوريت کي نقصان ڏنو آھي، جيڪڏھن پاڪستان ۾ جھموريت مضبوط ۽ آئين جي بالادستي ٿيندي ته ميڊيا به آزاد ٿيندي ۽ ملڪ ترقي ڪري سگھندو. هن چيو ته هاڻي سڀ سياسي  پارٽيون  ان ڳالھ تي متفق آھن ته آئين جي بالادستي کانسواء ملڪ نٿو ھلي سگھي. هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ 15-20 ڪروڙ روپيا ورتا ويا۔  جيڪو ڏيندو اھو ته واپسي لاء پاڪستان جو پيٽ ڦاڙي پنهنجا پئسا ڪڍندو۽ جيڪو پنهنجو ضمير نٿو وڪرو ڪري ان کي ھتي تشدد ڪري ۽ جيل  اماڻيو وڃي ٿو جيڪو ايمان وڪرو ڪري ۽ پئسا وٺي اھو سٺو ماڻهو آھي. پي ٽي آئي اڳواڻ  راجا اڪرم چيو ته عمران خان قوم جو مضبوط سياستدان آھي ۽ اھو خط ۾ آئيني ڪردار ادار ڪرڻ ۽ پنھنجي حدن ۾ رھڻ جي لاء لکيو ويو آھي.  هن چيو ته سنڌ جي پاڻي جو مسئلو ھجي يا بلوچستان جو، انهن کي آئين موجب  حق ڏيڻ گھرجن. پي ٽي آئي اڳواڻ لطيف کوسا چيو ته  عوام جي ٽيڪس مان جيڪي گوليون خريد ڪيون ويون آھي پنھنجي دفاع لا۽ نه صرف پاڪستاني عوام تي استعمال ڪيون وڃن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.