رڳو هڪ قومي ٻولي، وڌيڪ ڇو نه؟

تحرير: ڊاڪٽر محبوب شيخ

جڏهن ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن پنهنجي مادري ٻولي بنگالي کي قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪيو، ته انهن تي گوليون هلايون ويون. جنھن جي نتيجي ۾ چار شاگرد شھيد ٿيا. ان بعد  ٻولين ڏينهن عالمي سطح تي ”بين الاقوامي مادري ٻولين “جو ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. جيڪو يونيسڪو 17 نومبر 1999 تي ھڪ ٺھراءُ طور منظور ڪيو. گڏيل قومن هميشه ٻولي جي اهميت تي زور ڏنو آهي، ان ڪري 2008ع کي بين الاقوامي ٻولين جو سال قرار ڏنو ويو. جنھن ۾ سڀني ميمبر ملڪن کي سمورين ٻولين جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو.

لساني شموليت، لکين پاڪستانين کي پنھنجي مادري ٻولي ۾ تعليم، سرڪاري خدمتن، ۽ قانوني وسيلن تائين رسائي فراهم ڪندي. جنھن سان انهن جي قومي معاملن ۾ واسطي، تعلق ، سڃاڻپ، ۽ شموليت کي هٿي ملندي. ان کان علاوه، عالمي سطح جي ٿيل تحقيق مان ظاهر ٿيو آهي ته مادري زبان ۾ تعليم خاص طور تي ننڍپڻ جي دور ۾ دماغي واڌ ويجھه ۽ سکڻ جي صلاحيت کي اجاگر ڪري ٿي.اسان جي خيال ۾ ھڪ قومي ڪميشن، جيڪا پنجابي، سنڌي، پشتو ۽ بلوچي ٻولين جي دانشورن ۽ لساني ماهرن تي ٻڌل هجي، ھن سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ھجڻ ايئن کپي ته ، انهن ٻولين کي معياري بڻائڻ تعليمي مواد تيار ڪرڻ ، ميڊيا ۽ حڪومت ۾ انهن جي واڌاري لاءِ قدم کڻڻ ۽ انهن کي ڊجيٽل دور سان هم آهنگ ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃي.

فنلينڊ، سويڊن، يوڪرين، سوئزرلينڊ، ڪينيڊا، ۽ ڏکڻ آفريڪا جھڙا ملڪ ڪاميابي سان گهڻ لساني نظام کي حڪومت ۽ تعليمي نظام ۾ شامل ڪري چڪا آهن. پاڪستان به انهن کان سکڻ گهرجي. ڇو ته پاڪستان به هڪ گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ لساني ملڪ آهي. جيڪو مختلف نسلن، ٻولين، روايتن ۽ تاريخن جي حسين ميلاپ سان دنيا جي نقشي تي قائم ۽ دائم آهي.

22 ڪروڙ کان وڌيڪ آباديءَ سان اسان جو هي ملڪ پنجابي، سنڌي، پشتون، بلوچي، گلگتي، ڪشميري ۽ ٻين ڪيترين ئي قومن ۽ برادرين جو گڏيل گهر آهي. هر هڪ قوم کي پنھنجو الڳ ثقافتي ورثو آهي. جنھن ذريعي ملڪ کي وڌيڪ رنگيني ۽ رونق حاصل آهي. جن ۾ ھي خاص روايتون ڳڻائڻ ضروري آهن جھڙوڪ مختلف طعام ۽ لباس موسيقي ۽ فن جا ٻيا شعبا.

سو ٿلهي ليکي چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي ملٽي ڪلچرل سڃاڻپ کي وڌيڪ طاقت ڏني آهي. هي لساني طاقت ۽ فخر جو مظاهرو ڪري ٿو. جيڪو ملڪ جي تاريخي جڙن ۽ ڏکڻ ايشيا جي تھذيبن جي سنگم واري حيثيت کي وڌيڪ اجاگر ۽ دنيا اڳيان نمايان ڪري الڳ سڃاڻپ جو مستحق قرار ڏئي ٿو.گهڻ لساني پاڪستان کي تسليم ڪرڻ ۽ ان جو جشن ملهائڻ، اتحاد، رواداري، ۽ گڏيل احترام کي وڌائڻ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. ان سان ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ توڙي شموليت ۽ برابري جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.