اعتراضن باوجود چولستان ڪينال لاءِ پاڻي فراهمي جي منظوري

تحرير: اعجاز ممنائي

 چولستان ڪينال وارو وڏو منصوبو جيڪو گريٽر ۽ سمالر چولستان رٿا تي مشتمل آهي جنھن تي 72 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي اهو انٽر رور ڪينال وسيلي ستلج کان سنڌو درياھ تائين آهي. وفاقي سرڪار ۽ واپڊا وارن ستلج تي هي هيڏو وڏو پراجيڪٽ سال 2022ع ۾ تمام وڏي ٻوڏ وارن وهڪرن کي نظر ۾ رکي ٺاهيو. حالانڪ ستلج جنرل ايوب انڊيا کي وڪڻي ڇڏيو ۽ ڀارت مان وڏي ٻوڏ کانسواءِ هن درياه ۾ پاڻي وهڪرو پاڪستان طرف ناهي هوندو پر انٽر رور ڪينال وسيلي سنڌو درياھ مان هي پاڻي کڻندا هي ڇهھ ڪينال سڀ بنيادي طور سنڌو درياھ مان ئي آهن عالمي قانون موجب سنڌ جي مرضي کانسواءِ اهي منصوبا نٿا هلائي سگهجن پر زور تي هنن ارسا ايڪٽ ترميم وسيلي ارسا کان به سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سنڌو درياھ کي ختم ڪري رهيا آهن.

سنڌو درياهه مان نون ڪينالن ڪڍڻ خلاف جاري احتجاجي تحريڪ باوجود انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) چولستان منصوبي کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ارسا سيڪريٽري پنجاب حڪومت کي پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب، ارسا جي منظوري کانپوءِ پنجاب حڪومت ستلج سليمانڪي هيڊ ورڪس مان چولستان ڪئنال ڪڍندي.ارسا اختيارين جو چوڻ آهي ته چولستان منصوبي لاءِ 4 لک 50 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي دستياب هوندو. ٻئي پاسي ارسا جي سنڌ مان ميمبر احسان لغاري چولستان ڪينال منصوبي لاءِ پاڻي فراهمي جي فيصلي تي اختلافي نوٽ لکيو آهي.احسان لغاري پنهنجي نوٽ ۾ لکيو ته هو سيڪريٽري ارسا طرفان چولستان منصوبي کي پاڻي ڏيڻ جي منظوري سان متفق ناهي. سندس چوڻ هو ته سيڪريٽري ارسا طرفان پنجاب حڪومت کي پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ سنڌ سان ناانصافي آهي.احسان لغاري جو چوڻ هو ته چولستان منصوبي کي پاڻي ڏيڻ سان سنڌ درياهه جو پاڻي گهٽجي ويندو ، جڏهن ته سيڪريٽري ارسا جنهن پاڻي جو ذڪر ڪيو آهي، اهو رڳو ستلج درياهه جو نه آهي۔ هن ٻڌايو ته سليمانڪي هيڊ ورڪس مان لنڪ ڪئنال ذريعي پاڻي ورتو ويندو، جيڪو سنڌو درياهه جي وهڪرن تي اثرانداز ٿيندو. چولستان ڪينال کي پاڻي ڏيڻ جو ارسا جو اهو فيصلو غير جمھوري، ناانصافي وارو ۽ بدنيتيءَ تي ٻڌل آھي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ چولستان ۾ ”گرين پاڪستان“ منصوبي جي شروعات ڪئي وئي هئي ، تقريب ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير شرڪت ڪئي. چولستان ڪئنال صرف ھڪ روايتي واھ ناھي بلڪه ھڪ پورو نظام آھي، پھريون دفعو 1920 ۾ اھو منصوبو پيش ٿيو ھو، 80 لک ايڪڙ  زمين آباد ڪرڻ جو ھڪ منصوبو آھي.

ٻئي پاسي سنڌ ۾ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف مختلف پارٽين طرفان احتجاجي تحريڪ جاري آهي چولستان ڪئنال کي سنڌو درياهه مان پاڻي کڻڻ جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ ست ڪروڙ سنڌين کي بي موت مارڻ جي هڪ سازش تيار ڪئي وئي آهي جيڪڏهن هينئر به اٿي کڙا نه ٿياسين ته ڪجھ سالن کانپوءَ سنڌ ڀينگ ٿي ويندي اسان اٿوپيا جھڙن ملڪن جي صف ۾ بيٺل ھونداسين بک ۽ بدحالي توڙي  بيماريون اسان جي ايندڙ نسل کي ڳڙڪائي وينديون جيڪي پارٽيون گروپ سول سوسائٽي ڪئنالن خلاف جدوجھد ڪن پيون اچو ته انھن سان ٻانھن ٻيلي ٿيون ۽ سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙي کي روڪرايون.

ڊان اخبار چولستان رٿا تي ايڊيٽوريل لکيو آهي. هو لکن ٿا ته نگران حڪومت جي دور ۾ گرين پاڪستان انيشيئٽو تحت ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن تمام گهڻي ڳڻتي وڌائي آهي خاص ڪري ان صورت ۾ جو چولستان رٿا لاءِ جيڪي ٻه ڪينال ٺاهيا پيا وڃن. ان فيصلي سبب سنڌ ۾ ان منصوبي تي تمام گهڻا تحفظات آهن. اهي منصوبا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اچڻ کان پهرين ئي هڪ طرفي فيصلي تحت شروع ڪيا ويا آهن. پنجاب چئي ٿو ته اسان اهي ڪينال ستلج تي ٻوڏ وارن وهڪرن لاءِ جوڙيا آهن. هاڻي سوال اهو آهي ته جڏهن اهي ٻوڏ وارا وهڪرا نه ايندا ته پوءِ انھن ڪينالن کي پاڻي ڪٿان ايندو؟ اهو رڳو ڊرامو آهي جنهن جو حل سياسي مزاحمت کان سواءِ ٻيو ناهي. سنڌ جي سنجيده قومپرستن کي ان معاملي لاءِ فوري طور عالمي عدالت جو در کڙڪائڻو پوندو ٻي صورت ۾ سنڌ بنجر بڻجي ويندي ۽ ان جا ذميوار حڪمرانن وانگي اسان به سڀ هونداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.