اسلام آباد(زاهد گشڪوري)دبئي ۾ 47 هزار پاڪستانين جي کربين رپين جي سيڙپ ڪاري جو انڪشاف،خبر موجب 47 هزار پاڪستانين گڏيل عرب امارات ۾ 11 ارب ڊالرن جي سيڙپ ڪاري ڪري رکي آهي،ان ۾ سمورو سرمايو تقريبن پاڪستان مان ويو آهي،42 هزار پاڪستانين يو اي اي ۾ ڪاروبار لاءِ ڪمپنيون ٺاهي رکيون آهن،حالانڪه پوري پاڪستان ۾ 28 هزار ڪمپنيون ٺهيل آهن جن مان به رڳو 25 سيڪڙو ڪمپنيون فائلنگ ڪنديون آهن،دبئي ۾ سيڙپ ڪاري ڪندڙن ۾ پاڪستانين جو ٻيو نمبر آهي،دبئي جي چيمبر آف ٽريڊ ڪامرس ۾رڳو هڪ سال ۾ 8 هزار پاڪستانين رجسٽريشن ڪرائي آهي،اهو انگ 47 هزارن تائين پهچي چڪو آهي،اهو هڪ سال ۾ اتي پهتو آهي،جڏهن ته 16506 ڀارتي شهرين ۽ 5302 مصري شهرين،هڪ هزار 314 ترڪي واسين،1718عراق واسين،2369 بنگالين،برطانيا جي 2588 شهرين اتي ڪمپنيون بڻايون آهن،اهي انگ اکر 2024ع جا آهن،ان جو سبب اهو آهي ته دبئي ۾ ڪاروبار لاءِ ماحول سازگار آهي، ٻئي پاسي پاڪستان ۾ هڪ سال ۾ 29 هزار ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون آهن،هڪ اندازي مطابق پوري ملڪ ۾ ٻه لک 36 هزار ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن،انهن مان به تمام گهٽ انگ ايس اي سي پي وٽ فائلنگ ڪندو آهي،دبئي ۾ ريئل اسٽيٽ ۾ 20 هزار پاڪستانين جي سيڙپڪاري ڪيل آهي،ذريعن موجب 11 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان مان پئسو ڪيش جي صورت ۾ يا گهڻو تڻو پئسو مني لانڊرنگ يا حواله هنڊي ذريعي ويو آهي،نيب ذريعن موجب ان حوالي سان نيب به جاچ ڪري رهي آهي،انهن پاڪستانين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي جن پاڪستان مان پئسو کڻي وڃي دبئي ۾ سيڙايو آهي،اسٽيٽ بئنڪ ،ايف بي آرکان ڊيٽا ورتي پئي وڃي،اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته 7 هزار پاڪستانين دبئي ۾ تقريبن 20 کرب رپين جون جائيدادون خريد ڪري رکيون آهن،هاڻي ادارن جو اهو ڪم آهي ته اهي ڏسن ته اهي جائيدادون قانوني طريقي سان ورتل آهن يا مني لانڊرنگ ذريعي خريد ڪيون ويون آهن،پاڪستان ۾ انهن شهرين گوشوارا جمع ڪرايا آهن يا نه؟انهن پاڪستانين ۾ اڪثر سرڪاري ملازم به شامل آهن،واپاري ۽ پارليامينٽ ميمبر به آهن،ذريعن موجب 37 پارليامينٽ ميمبرن جون دبئي ۾ پراپرٽيون آهن