چولستان رٿا: جنوري 2024ع کان اڄ تائين جو جائزو

تحرير: محمد احسان لغاري

 پنجاب پاران هي چولستان جي اسڪيم پهريان 2015ع ۾ تياري هيٺ آئي. انھن سالن ۾ ان جي اڌوگابري  فيزيبلٽي تيار ڪرائي وئي. شروعاتي ڏينهن ۾ ان کي ايشيائي ترقي واري بئنڪ قرض ڏيڻ تي راضي هئي، جيڪو بعد ۾ ڪم اڳتي وڌي نه سگهيو.

17 جنوري 2024ع جي اِرسا جي گڏجاڻي ۾، آبپاشي کاتي پنجاب حڪومت طرفان چولستان لاءِ گراس ڪمانڊ جي لڳ ڀڳ ستن لکن ايڪڙن ( صافي ڇهھ لک ڏھ ھزارايڪڙ) کي آباد ڪرڻ لاءِ 4121 ڪيوسڪ جي پاڻيءَ جي موجودگيءَ جي سرٽيفڪيٽ جي گُھر ڪئي وئي. ان جي گُھر تي سنڌ جي ميمبر سخت اعتراض ڪيو. ان جو  موقف اِهو هو ته جڏهن پاڻي صوبن جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي ورهائجي چُڪو هو ۽ ڏهاڪن کان هر سال اِرسا پاڻيءَ جي کوٽ ظاهر ڪندي آهي ته پوءِ ڪنهن نئين اسڪيم لاءِ پاڻي ڪٿان  ۽ ڪيئن ايندو. سنڌ جي ميمبر طور مُنھنجا اعتراض هئا ته: سمورو منصوبو مفروضن تي ٻڌل آهي. جڏهن پنجاب چئي ٿو ته ”اسان پنهنجو پاڻي کڻنداسين“ ته هُو پنهنجو پاڻي ڪهڙي زمين جو ڪَٽي ڏيندو. جڏهن ٻوڏ وارن مهينن ۾ پاڻي نه اچي ته، ان جي جواب ۾ پڻ پنجاب چئي ٿو ته ”پنهنجو پاڻي ڏينداسين“ پر پنهنجي پاڻيءَ جو نه پيرو آهي ۽ نه ڪو نشان! ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ڇهن لکن کان مٿي ايڪڙن کي آباد ڪرڻ لاءِ ”اوچتو، ضرورت جي مطابق پنهنجو پاڻي پهچائبو“ يعني پنهنجن تيار ۽ بيٺل فصلن جو پاڻي ڪڍي، ان نئين پاڻي کي ڏيندا؟“ ٻوڏ واري مهينن کان اڳ، ان دوران يا ان کانپوءِ وارن مهينن لاءِ رڳو ”پنجاب پنهنجي حصي مان پاڻي ڏيندو چيل آهي“. اڪرم واهه جيترو پاڻي کڻندڙ چولستان فيڊر ڪئنال جڏهن پنجاب جو پنهنجو پاڻي کڻندو ته پڪ سمجهو اِهو پنجاب جو نه پر هيٺاهن صوبن سنڌ  ۽ بلوچستان جو پاڻي هوندو.

عبوري حڪومت واري عرصي ۾ 17 جنوري 2024ع تي ارساجي گڏجاڻي ٿي. سنڌ جي اختلافي ووٽ سان، پاڻي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ 1-4 جي نسبت سان 25 جنوري 2024ع تي  جاري ٿيو. ميمبر سنڌ ان وقت   ئي سنڌ حڪومت کي اطلاع ڏنو. ان وقت جي سيڪريٽري آبپاشي عبوري وزيراعليٰ سنڌ تائين ترت اِهو سنڌ جو اهم مسئلو پهچايو. سيد مقبول باقر نقوي 29 جنوري تي، ان وقت جي عبوري وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي خط لکيو ۽ سنڌ جا شديد خدشا ظاهر ڪيا، جنهن ۾ وزيراعليٰ چيو ته سنڌ حڪومت کي خبر هئڻ ۽ اُن معاملي بابت تفصيل ڄاڻڻ کانسواءِ پاڻيءَ جي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي. پنجاب اڳ ئي (1991ع واري اڪارڊ ۾ مليل پاڻي) پنهنجو حصو مڪمل طرح کڻي چُڪو آهي ۽ 2007ع ۾ اِهو ثابت ٿي چُڪو آهي. ٻي اِها ڳالهه چئي وئي ته اڪارڊ جي پيرا ستين مطابق ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻيءَ ڇڏڻو آهي، جيڪو اڃان تائين عمل ۾ نه آيو آهي ته پوءِ نئين زمين ڪيئن ٿي آباد ڪري سگهجي. پوين پنجويهن سالن جي پاڻي جي سراسري ڏسنداسين ته 14.07 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. 1976ع کان اِها 27 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿي. سو حقيقت ۾ پاڻي ته گهٽ مقدار ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ وڃي رهيو آهي. اهڙي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ سان سنڌ جي پاڻي جي حقن کي ڇيهو رسندو.

ھاڻ اچو ته  ڪوٽڙي کان  هيٺ ويندڙ پاڻي جي انگن اکرن کي ڏسون۔

پوين 25 سالن ۾ 12 سال اهڙا آهن، جن ۾ 10 ايم اي ايف کان به گهٽ پاڻي هيٺ ويو آهي. انهن مان اٺ سال اهڙا آهن، جن ۾ 5 ايم اي ايف کان گهٽ  ۽  ڇهه سال اهڙا آهن، جن ۾ ٻه يا ٻن کان گهٽ ايم اي ايف هيٺ پاڻي ويو آهي. انهن ئي 25 سالن ۾ جولاءِ ۾ سراسري 1.63، آگسٽ ۾ 6.83، سيپٽمبر ۾ 4.27 ايم اي ايف پاڻي هيٺ ويو آهي. آڪٽوبر کان وٺي جون تائين 0.3 کان 0.01 ايم اي ايف انهيءَ پاڻي هيٺ ويو آهي. يعني پورا نَوَ مهينا هيٺ پاڻي ويندو ئي ناهي! 2000-1999 کان اڄ تائين (انهن ئي 25 سالن ۾) 18 سال اهڙا آهن، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا ڪوٽڙي کان هيٺ ڦڙو به نه ويو آهي. انهن ۾ وري 13 سال اهڙا آهن، جن ۾ 200 ڏينهن تائين پاڻي جي بوند به هيٺ نه وئي آهي! هاڻ غور ڪريو ته جيڪڏهن مٿي پاڻي کي ورايو ويندو ته هيٺ ڪوٽڙي يا ڪوٽڙي کان مٿي پڻ ڇا ٿيندو؟!

سنڌ حڪومت جي ٺهڻ کانپوءِ سمالر چولستان جي مسئلي کي مسلسل کنيو ويو. سيڪريٽري آبپاشي ۽  وزير آبپاشي ڄام خان شورو ان تي انگن اکرن سان مرڪز سان احتجاج ۽ سي سي آءِ لاءِ  ڪيس تيار ڪيو. ساڳي طرح سڄي سنڌ انهن ڏينهن کان اڄ تائين احتجاج ۾ آهي. سڀ پارٽيون: کاٻي ڌر، قوم پرست، ساڄي ڌر، اقتداري پارٽي، مخالف ڌر، سماجي ۽ سياسي تحرڪ ڪندڙ پارٽيون ۽ افراد، ليکڪ، سول سوسائٽي. مطلب ته سڄي سنڌ هڪ آواز ٿي ڪئنالن خلاف، خاص ڪري چولستان ۽ گريٽر ٿل ڪئنال جي ٻي فيز خلاف للڪاري رهي آهي.

جيڪڏهن ڪو به پراجيڪٽ ڪنهن خاص رقم کان مٿي هوندو آهي ته اُهو منظوري لاءِ مرڪز ۾ ويندو آهي. هي پراجيڪٽ پنجاب حڪومت جو آهي، جنهن کي پهريان پنجاب حڪومت جي پرونيشل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (پي ڊي ڊبليو پي) کي اُتان جي رٿابندي ۽ ترقي واري بورڊ منظور ڪيو. اُتان پوءِ هي مرڪز جي رٿابندي ڪميشن تي پهتو. اُتي وري سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو پي) ٿيندي آهي. سنڌ جا حڪومتي طور تي ۽ سماجي طور تي تحرڪ جاري رهيا. ان پراجيڪٽ جي پري ’سي ڊي ڊبليو پي‘ (سي ڊي ڊبليو پي کان اڳ وارو مرحلو) سيپٽمبر 2024ع ۾ ٿي، جنهن کان اڳ سنڌ گڏيل مفادن واري ڪائونسل سي سي آءِ۾ وڃي چُڪي هئي. ان ۾ سنڌ اُهي سڀ اعتراض اُٿاريا، جن جو ذڪر ڪري آيا آهيون. انهيءَ عرصي ۾ ان سان لاڳاپيل ٿيندڙ هر سرڪاري ميٽنگ ۾ سنڌ جي لاڳاپيل نمائندن (ادارتي ۽ سياسي)، ارسا جي ميمبر سنڌ سميت اعتراض اُٿاريندا رهيا آهن. سي ڊي ڊبيو پي واري ميٽنگس ۾ اِهو موقف سنڌ اُٿاريو ته ڇاڪاڻ ته سنڌ اڳ ۾ ئي سي سي آءِ ۾ ويل آهي، ان ڪري ان جي منظوري نٿي ڏئي سگهجي. پري سي ڊي ڊبليو پي ۾ پڻ هڪ عجيب شرط پلاننگ ڪميشن طرفان وڌل آهي، جيڪا پراجيڪٽ جي پاڻي جي کڻت کي وائکو ڪري ٿي. اُن ميٽنگ جا منٽ چون ٿا ته ”پنجاب حڪومت، رٿابندي ۽ ترقي واري بورڊ جي طرفان تفصيلي طور تي ٻڌائيندا ته وهڪرا ڪيئن ائڊجسٽ ڪندا. (يعني ڪٿان پاڻي بچائيندا). وري ان کانپوءِ هدايت ڏيندي چون ٿا ته ”ڪنهن به صُورت ۾ هلندڙ واهن جي ڪماند جي پاڻيءَ جي حقن کي ۽ واسطيدار (زميندارن) کي ڇيهو نه رسي! اڙي بابا جڏهن پنهنجو پاڻي، جڏهن به گُھربل هوندو ته پنجاب  ڏيندو ته پوءِ ان پاڻي ڏيڻ جي ڪري هلندڙ واهن جي ڪمانڊ ۾ ۽ ماڻهن جي آباد زمينن تي فرق ته پوندو! سو ان هڪ ڳالهه ۾ ان ئي هر ڳالهه واضح آهي ته پنهنجون هاڻوڪيون زمينون به آباد رکو، ڪنهن جو پاڻي نه کٽايو  ۽ پوءِ به ڇهن لکن ايڪڙن (جنهن کي پي سي ون ۾ وري ڏهه لک لکيو ويو آهي) واري نئين زمين آباد ڪيو!” آخر ڪنهن جو پاڻي ويندو ان لاءِ؟!

پوئين عبوري حڪومت ۾ ايڪنڪ ميٽنگ جي فيبروري 2024ع ۾ سربراهي محترمه شمشاد اختر ڪئي هئي، جنهن ۾ پڻ اِهو فيصلو آيو هو ته پاڻيءَ سان لاڳاپيل هر پراجيڪٽ لاءِ سي سي آءِ جي منظوري ضروري آهي! سو مختصر جملن ۾: چولستان جي اسڪيم جي سخت اعتراضن جي باوجود سي ڊي ڊبليو پي کان منظور ٿيل آهي.  ٻيو اِهو ته اِها اسڪيم اڃان تائين ايڪنڪ جي ايجنڊا ۾ نه آئي آهي. سي سي آءِ جو پوئين هڪ سال ۾ اجلاس نه ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌ پنهنجو موقف رکيو آهي. آئيني، قانوني ۽ قاعدن جي حساب سان ان اسڪيم کي زمين تي شروع ٿيڻ نه گهرجي، پر جيڪڏهن ڪو آئين، قانون  ۽ قاعدن جي پاسداري رکي ته!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.