ڊيرا غازي خان(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترقي پاڪستان جو مقدر بڻجي چڪي آهي، جيڪڏهن محنت ڪري ڀارت کي پوئتي نه ڇڏيو ته منهنجو نالو شهباز شريف ناهي.
ڊيرا غازي خان ۾ نون ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندي، هن ڊي جي خان ۾ ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته پنجاب ۾ نواز شريف جي دور ۾ ترقي ٿي، اڄ مريم نواز به عوام جي خدمت لاءِ ميدان ۾ آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب جو ڪوٽا نواز شريف ۽ مون وڌايو، جيڪو اوهان جو حق هو. مريم نواز به علائقي ۾ اسپتالن جو ڄار وڇائي رهي آهي.
هن راجن پور ۾ يونيورسٽي جوڙڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسان سدائين عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين.
شهباز شريف چيو ته جڏهن حڪومت سنڀالي ته مهانگائي 40 سيڪڙو تي هئي، نواز شريف سياست قربان ڪري پاڪستان کي بحران مان ڪڍيو، اڄ مهانگائي 2.4 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جڏهن ته بئنڪن جي وياج جي شرح به 22 سيڪڙو کان گهٽجي 12 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته هاڻي خوشحالي جو دور شروع ٿيندو، نوجوانن کي روزگار ملندو، بجلي جا اگهه وڌيڪ گهٽايا ويندا، ۽ ملڪ کي قرضن کان آجو ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
شهباز شريف جو چوڻ هوته دشمن تاڙ ۾ آهن، دشمن جي چرچ تي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي ٿي رهي آهي، دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ قرباني ڏني پئي وڃي.
شهباز شريف چيو ته جيستائين ساهه ۾ ساهه آهي، پاڪستان جي عظمت لاءِ محنت جاري رکنداسين، نواز شريف جو ويزن رڳو ملڪ جي ترقي آهي ۽ معيشت هاڻي بهتري جي طرف وڌي رهي آهي.
You might also like