اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته هو عدليا جي روَيي مان مطمئن نه آهن ۽ چيف جسٽس سان ملاقات دوران ان بابت پنهنجون سفارشون پيش ڪيون.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن چيف جسٽس سان ملاقات ٿي، جتي حڪومت خلاف پي ٽي آءِ جي چارج شيٽ پيش ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس پي ٽي آءِ کي سسٽم ۾ رهڻ ۽ بائيڪاٽ نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سان ٿيندڙ ورتاءُ جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ مناسب نه آهي.
هن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جو اتحادي وفد ڪراچي ويو آهي ۽ اپوزيشن سان گڏجي هڪ نئون سياسي اتحاد جوڙي رهيا آهن، جنهن جو مقصد آئين جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ ۽ ووٽ چوري روڪڻ آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شير افضل مروت وارو معاملو پارٽي جو اندروني مسئلو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ڊسپلين جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ان لاءِ پارٽي جي طئي ٿيل طريقيڪار موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته 9 مئي دوران پارٽي ڇڏيندڙن بابت حتمي فيصلو پي ٽي آءِ جو باني ڪندو.
You might also like