ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بولر محمد عامر شاهين آفريدي جي بالنگ ايڪشن ۾ ٿيندڙ غلطي ٻڌائي ڇڏي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ محمد عامر اسٽيج تي بيهي وضاحت ڪئي ته شاهين آفريدي انجري کانپوءِ ڪهڙيون غلطيون ڪري رهيو آهي ۽ ان کي ڪيئن درست ڪري سگهجي ٿو.
پروگرام ۾ شامل اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف جو چوڻ هو ته شاهين آفريدي کي کاٻڙيل بيٽرن خلاف وڌيڪ ڪاميابي ملي ٿي، پر ساڄڙيل بيٽرن خلاف کيس اڳ جيان سوئنگ ناهي ملي رهي.
هن وڌيڪ چيو ته شاهين جي بالنگ ايڪشن ۾ سڌاري جي ضرورت آهي، جنهن تي ڪوچز کي گهڻو اڳ ڌيان ڏيڻ گهربو هو.
You might also like