ڪئنال سنڌ لاءِ ”ڊيٿ وارنٽ“، آبادگارن جو استحصال بند ڪيو وڃي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو في مڻ 4000 ھزار روپيا سرڪاري اگهھ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري سنڌ حڪومت آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪري، سنڌ ۾ جيڪي به وڏا فصل لھن ٿا انهن جا اگھه ھٿرادو  ڪيرايا وڃن ٿا، 2000 في مڻ ڪڻڪ خريد ڪرڻ سان سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو ويندو، سنڌ جي آبادگارن کي ھر وڏو فصل لھن کانپوءِ نقصان ڏنو وڃي ٿو، سنڌ جي آبادگارن جو استحصال بند ڪيو وڃي، پنهنجي بيان ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته حڪومت جون معاشي پاليسيون صرف حڪمران طبقي کي فائدو ڏئي رھيون آھن، پورھيت طبقو تيزي سان تباھي طرف وڌي رھيو آھي. لکين خاندان غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، اياز لطيف پليجي سنڌو درياھ تي ڪئنال منصوبن کي ملڪ ۽ سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي چيو ته 6 نوان ڪئنال سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھن، سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.