پي ٽي آءِ جي گرينڊ مخالف ڌر اتحاد جو قيام رڪجي ويو

لاهور (معظم فخر) آرمي چيف جنرل عاصم منير خلاف پي ٽي آءِ جي احتجاج جو پهريون نتيجو سامهون آيو آهي ۽ ان لاءِ وڏي پريشاني پيدا ٿي وئي آهي. هنن جيڪا پروپيگنڊا ڪئي هئي ته عمران خان ۽ ٻيا سياسي ٿي ويا آهن ۽ مخالف ڌر جون جماعتون ساڻن گڏجي وينديون ان تي ڳنڍ ٻڌجي وئي آهي. پهريون ته جماعت اسلامي جنهن کي حافظ نعيم هلائي رهيو آهي ان پاران پي ٽي آءِ جي گرينڊ الائنس ۾ شموليت کان نابري واري وئي آهي.  جي يو آءِ پاران  به مخالف ڌر اتحاد لاءِ  پي ٽي آءِ کان ڪجهه سوال ڪيا ويا هئا ان سوالن جا جواب ناهن ڏنا ويا ۽ جيڪو رابطي ڪاري جو چينل اسد قيصر وسيلي کليل هو ان کي به بند ڪيو ويو آهي. جنهن بعد مخالف ڌر اتحاد جڙڻ جو امڪان ختم ٿي ويو آهي ڇو جو مولانا فضل الرحمان ڊگهي پرڏيهي دوري تي وڃڻ وارو آهي. سندس واپسي عيد الفطر بعد ٿيڻ جو امڪان آهي. مولانا فضل الرحمان پاران به پيغام آيو آهي ته پي ٽي آءِ عير سنجيدگي ڏيکاري رهي آهي. مولانا جي خواهش هئي ته گرينڊ الائنس جي قيادت ۽ ايوان اندر مخالف ڌر قيادت به انهن کي ملي. اها تجويز مولانا پاران ڏني وئي هئي.  . جنهن جي ڪري گرينڊ الائنس  جي جوڙجڪ ٻڏ تر جو شڪار ٿي وئي آهي.

هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 22 فيبروري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.