هٿيار کڻندڙن سان نه پر ڪتاب پڙهندڙن سان ته ڳالهيون ڪريو

تحرير: مظھر عباس

تصور ڪريو اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ گوادر جي هڪ هوٽل جي استقبال تي ويٺل ھڪ نوجوان سمير جي ھٿن ۾جناب ڪي ڪي عزيز جو ڪتاب ”مرڊر آف ھسٽري“ ھو، ھن جو موبائل سائيڊ تي رکيل ھو. مون کيس ڪمري جي چاٻي ڏني ۽ الوداع ڪيو تھ  هن ڪتاب منهنجي سامهون رکيو ۽ چيو "سائين ان تي ڪجهه لکي ڏيو. مون کي توهان جو آٽوگراف گهرجي.” مون معافي وٺندي چيو ته هي منهنجي ڪتاب ناهي.

هن چيو "بس مون کي توهان جو آٽو گراف  گھرجي. مان اڄ ڪتاب ميلي مان توهان جو ڪتاب خريد ڪندس، ڇاڪاڻ جو توھان وڃو پيا،تنهن ڪري ان تي ئي دستخط ڪري ڏيو.” مون کانئس ڪتاب ورتو ۽ لکيو، ” مونکي ھن نوجوان جي هٿن ۾ ڪي ڪي عزيز جو ڪتاب ڏسي ۽ ان ڪتاب سان لڳاءُ ڏسي ڪري، وڏي اميد ٿي آهي ته ھي هن دور ۾ ڪنهن انقلاب کان گهٽ ناهي.”

ٽن ڏينهن جي ڪتاب ميلي کان پوءِ، جڏهن اهو تفصيل سامھون آيو ته هن ميلي ۾ لڳ ڀڳ 20 لک رپين جا ڪتاب خريد ڪيا ويا آهن، ته مون کي ڪا به حيرت نه ٿي ڇو ته 2023 ۾ تربت ۾ ۽ پهرين سال ڪوئيٽا لٽريچر فيسٽيول ۾ پڻ وڏي انگ ۾ نوجوانن جي هڪ  خاصي تعداد جنهن ۾ ڇوڪريون بھ شامل هيون، ادب، سياست ۽ مختلف موضوعن تي ڪتاب خريد ڪندي ڏٺو ھو. تنهن ڪري، گوادر ۾ بھ ھي ميلو اٽڪل 10 سالن کان لڳندو آھي.

اھو ئي شوق مونکي ٻين صوبن جي نوجوانن، خاص طور تي سنڌي نوجوانن ۾ بھ ڏسڻ ۾ آيو.چاھي  اهو اياز ميلو هجي، حيدرآباد فيسٽيول هجي يا ڪراچي ۾ KLF ۽ آرٽس ڪائونسل هجي. پر بلوچستان جنهن صورتحال مان گذري رهيو آهي، ان ۾ ڪتابن جو رڪارڊ وڪرو نئين اميد کي جنم ڏنو آهي ته جتي محرومي جو احساس وڌي ٿو، گھٽ ٻوسٽ ھوندي آھي، ڪاوڙ ھوندي آھي ۽ ترقي جا رستا روڪيا ويندا آھن،اتي  مزاحمت جون مختلف صورتون موجود ھونديون آهن، جنھن مان هڪ لٽريچر بھ آهي.

تنهن ڪري جڏهن ڪجهه وقت اڳ اھا خبر آئي ته  ڪجھه نوجوان جن جو تعلق بلوچ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي سان  ھو،ڪتابي اسٽال تان پڪڙيا ويا ۽ ڪتاب ضبط ڪيا ويا، ته  تعجب نھ ٿيو.ڇاڪاڻ جو  اهو پڻ اسان جي رياستي اشرافيه ڪندي آھي.

جڏهن مون کي گوادر ڪتاب ميلي جو دعوت نامو مليو ۽ پوءِ مشهور تجزيه ڪار ۽ اينڪر وسعت الله خان، جنهن سان 45 سالن جي دوستي برقرار آهي، جو فون آيو تھ بس ھلڻو آھي. تھ مون تياري ڪري ورتي.آڇ تھ جهاز ذريعي سفر ڪرڻ جي پڻ هئي، پر اسان روڊ ذريعي سفر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مان اصل ۾ اڄ جي بلوچستان کي "محسوس” ڪرڻ چاهيو پئي. اسلام آباد کان صبوخ سيد  جي ڪمپني ۽ وري ڊرائيور صدام، جيڪو هڪ بلوچ هو ۽ ماڻهن کي گوادر کان آڻڻ ۽ ڇڏڻ جو ڪم ڪندو آھي. اٺن يا نون ڪلاڪن جو پتو ئي نھ پيو. مون پهريون ڀيرو گوادر ۾ ايراني لسي ۽ حاجي جو حلوو کاڌو تھ مزو اچي ويو.

رستي ۾ تيل ۽ گئس جا ٽينڪر ايندي ۽ ويندي نظر آيا. جبلن تي ھنڌين هنڌين سيڪيورٽي چيڪ پوسٽون ۽ ان تي هيلپ لائن نمبر ڏسي ڪري ۽ ڪجهه هنڌن تي ناڪا ڏسي ڪري ڇڪتاڻ جو احساس پڻ ٿيو.ٽن يا چئن ناڪن تي بشمول گوادر پوسٽ ويجهو ناڪي تي اھو ڏسي اطمينان ٿيو سيڪيورٽي تي مقرر گارڊ بلوچي ۾ ڳالهائي رهيا هئا. وسعت الله ٻڌايو تھ اڳ ۾ ائين نھ ھو.ان ڪري اھا تبديلي مثبت آهي.گوادر جي پراڻي شاهي بازار  ڏسي، مون کي پنهنجي حيدرآباد جي شاهي بازار  ياد اچي وئي، پر ھتي  پراڻي "حاجي جي حلوي” جي دڪان ۽  چانهه جي دڪان کان سواءِ ٻيو  گهڻو ڪجهه نه هو، پر  مسجد، گرجا گھر ۽ هڪ مندر ويجھو ويجھو هئا.

اسان جي دوست شرجيل ٻڌايو ته جڏهن هو ٻار ھو تڏھن اتي هڪ سينما گھر بھ ھوندو ھو.جتي هن آخري ڀيرو فلم "ٽائيٽينڪ” ڏٺي هئي. بعد ۾ اسان ڪجهه پراڻن علائقن ۾ به گھميا ڦِرياسين، پر جنهن شيءِ مون کي متاثر ۽ ڏکارو بھ ڪيو، اها هئي هڪ پاسي صاف سمنڊ ۽ ٻئي پاسي ڪچي آبادي جو منظر. فشري مارڪيٽ  وياسين تھ  ٻئي پاسي اھو "بندرگاهه” بھ ڏٺو، جيڪو تڪرار جو سبب آهي،جھڙي طرح  گوادر جو خوبصورت هوائي اڏو آھي،  پر جڏهن مون هڪ مڇي ماريندڙ کان پڇيو ته ڇا بندرگاهه تي جھازاچن ٿا، ته هن ان طرف اشارو ڪندي چيو "ها، شايد، پر اسان ان کي ڏسي نٿا سگهون، اوڏانھن وڃڻ تھ تمام پري جي ڳالھھ آهي.” مون اوڏانھن نظر وڌي ۽ هڪ ڊگهي ڀت ڏٺي، جبل تي هڪ وڏوهوٽل.

ڪراچي کان گوادر جي سفر دوران، مون کي سٺي روڊ جو تھ احساس ٿيو پر ڪو سٺو پيٽرول پمپ نطرنه آيو. بهرحال، ايراني تيل تمام سستو آهي، پر رستي ۾ نھ سٺا اسڪول،نھ  ڪاليج، نھ اسپتالون  نھ اسٽريٽ لائيٽون.  بهرحال،اهو ڄاڻندي خوشي ٿي ته گوادر ۽ تربت سميت لڳ ڀڳ هڪ درجن يونيورسٽيون آهن، جتي ڇوڪرين جي سٺي تعداد ۾ داخلا آهي، پر مختص ڪيل بجيٽ شرمناڪ آهي. تربت يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر جي بقول "ھتي نھ  ته ڪو سردارمدد ڪري ٿو  ۽ نه ئي سرڪار  ڪري ٿي.”

تعليم ۽ ترقي کان ھونئن ئي اسان جي اشرافيه کي الرجي آهي. يقين نه اچي تھ انهن کان پڇو ته انهن آخري ڪتاب ڪهڙو پڙهيو ھو.تعليم جي بجيٽ  ھونئن بھ گھٽ ھوندي آھي ۽ جيڪا ھوندي آهي سا انهن جي گودامن ۽ زمين مان هٿ ايندي آهي. جيڪڏهن اهو حادثاتي طور تي ڇاپو لڳي پئي ته پهرين انگ اکر غلط ٻڌايا ويندا آهن ۽  پوءِ پاڻ ۾ وند ورڇ ڪري ۽ فائل بند. ڪراچي يونيورسٽي جي منهنجي دوست عبدالله بلوچ مون کي ٻڌايو ته تربت ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪريون کي پڙهڻ جو گھڻو شوق آهي، پر موجوده صورتحال اها آهي ته اهي سج لھڻ کان پوءِ ٻاهر نٿا نڪري سگهون. ان تي مون کي ڊرائيور صدام جو اھو جملو ياد آيو، جيڪو هن گاڏين جي چڪاس دوران هڪ چيڪ پوائنٽ تان گذرندي پڇيو هو "سائين، جيڪڏهن چيڪنگ ايتري سخت آهي، ته پوءِ منشيات ۽ چوري ٿيل گاڏيون ڪيئن نڪرنديون آهن؟” وسعت کلندي هن کي چيو. "توهان گاڏي ھلائڻ تي ڌيان ڏيو .”

گوادر ڪتاب ميلي ۾ ڪيترائي دلچسپ سيشن پڻ ٿيا. ادب، شاعري، ڊراما، پر هڪ ڀرپور سيشن  ۾. ٻن اهم سياسي شخصيتن، جن جو تعلق گوادر، مزاحمتي سياست، سياستدانن  ۽ اشرافيه جي ناڪامين  سان لاڳاپيل هو، اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ ۽ جماعت اسلامي جي مولانا هدايت الرحمان "حق دو بلوچستان” جي روح روان سان ٿيو، جنهن جي ذميواري ( ھن ڪالم جي لکندڙ) کي ڏني وئي هئي. ٻئي وچولي طبقي جي خاندانن سان تعلق رکن ٿا ۽ مجموعي طور تي سٺي شهرت رکن ٿا. ٻئي ان ڳالھھ تي متفق نظر آيا ته اسان جي رياستي اشرافيه چاهي ئي نھ ٿي  ته بلوچستان جو مسئلو حل ڪيو وڃي.

گذريل اليڪشن ۾، انھن سياستدان کي بھ ھارايو ويو جيڪي شايد رياست ۽ وفاق کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته هتي جو مسئلو اتي ويهڻ ۽ جعلي حڪمرانن کي آڻڻ سان حل نه ٿيندو، مان گوادر کان ڪراچيءَ ايندي سڄي واٽ سوچيندو رھيس تھ آخر اھا ڪھڙي سوچ آھي جنھن  ڪڏهن به عوامي مينڊيٽ جو احترام نه آھي ڪيو، جنهن سان مسئلا مُنجھندا ويا. آخر بلوچستان جو حل ڪھڙو آهي؟

هي معاملو ايترو ڏکيو ناهي،بس  توهان کي  جنھن جو حق آھي ان کي پھرين ڏيڻو آھي، چاھي اھا گئس ھجي يا ٻي معدنيات. جمهوري رستو ئي رستو ڪڍندو آهي. ھٿيار کڻندڙن سان نھ  ڪتاب پڙھندڙن سان تھ ڳالھيون ڪريو، آخرڪار، سمير جهڙو نوجوان جيڪو "او ليول” پڙهي ٿو، اهو "مرڊر آف ھسٽري ” پڙهي رهيو آهي.ان  جي هٿن مان تھ ڪتاب نھ وڃڻ ڏيو. اھو ئي بلوچستان جو مقدمو  آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.