ڀرياسٽي/ڀريا روڊ/نوشهروفيروز(نمائندا) ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ الهه جڙيو راڄپر ۾گهرواڻبڻت تان ڀاءُ شادي شده ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو، قتل ٿيل عورت جي سڃاڻپ 18 ساله عريشا زال سهراب راڄپر طور ٿي آهي،ايس ايڇ او ڀرياروڊ عبدالطيف ٿھيم ٻڌايو ته قتل جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيا آھن ۽ ڀيڻ کي ڀاءُ انيس راڄپر قتل ڪري فرار ٿي ويو آھي،جوابدار جلد گرفتار ڪيو ويندو، لاش پوسٽ مارٽم بعد گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻئي پاسي مقتول ناري جي پيءُ ضميرراڄپر ٻڌايو ته پٽ نافرمان هيو ذهني توازن به درست نه هيس ڀيڻ سان وڏو ظلم ڪري ويو آهي کيس گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه وري جوابدار گرفتار ٿي سگهيو ۔