حيدرآباد جا واپاري ايس ايس پي جي حق ۾ نڪري آيا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ وڪيلن ۽ ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار وچ ۾ هلندڙ تڪرار دوران ڪجهه واپاري ايس ايس پي جي حق ۾ نڪري آيا آهن. واپارين ايس ايس پي جي مان ۾ آجياڻو ڏنو, آجياڻي دوران واپارين کيس مڃتا طور لونگيون ۽ اجرڪون ڏيڻ سان گڏ سون جو تاج به  پارايو. ٻڌايو پيو وڃي ته ايس ايس پي فرخ لنجار کي تاج پارائيندڙ واپارين جو تعلق اناج منڊي سان آهي. ان موقعي تي حاجي هارون ميمڻ, حاجي جلال ۽ ٻيا واپاري موجود هئا. واپارين چيو ته اناج منڊي ۾ امن امان جي صورتحال پوليس جي ڪارڪردگي جي بهتر ٿي آهي. پوليس چوريون واپس ڪرايون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.