اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي کي هڪ ٻيو خط لکي چيو آهي ته 3 سالن کان انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، منهنجو هي ٻيو خط آهي پر هن وقت تائين پهرين خط جو جواب به نه مليو آهي، پوليس بنا وارنٽ جي اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي، چادر ۽ چار ديواريءَ جو تقدس پامال ڪيو، تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ عورتن کي وارن کان جهليو ۽ تشدد ڪيو ويو، هن چيو ته منهنجي عمر 75 سال آهي ۽ مان 22 مهينا جيل ۾ آهيان، خط ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته الله اوهان کي وڏي ذميواري سونپي آهي، عورتون پنهنجي حقن لاءِ اوهان ڏانهن ڏسي رهيون آهن.