مون خلاف ڪيس بي بنياد آهن:عثمان شاهه راشدي

ڪراچي(رپورٽر)حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري جي پٽ ايڊووڪيٽ سيد عثمان شاھ راشدي چيو آهي ته منهنجي خلاف داخل ڪيس بي بنياد ۽ ڪوڙا آهن مان ڪنهن کي به ڌمڪيون نه ڏنيون آهن واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج  ڪڍرائي جيو فرانزنگ ڪرائي وڃي ايڊووڪيٽ سيد عثمان شاھ راشدي چيو مان وڪيل آهيان ، ڪراچي بار منهنجو موقف ٻڌي بغير مون خلاف خط جاري ڪيو آهي مون کي به ٻڌو وڃي مان هنن جوابدارن خلاف ضلعي سيشن جج ڏکڻ ۽ اوڀر جي عدالت ۾ اڳ ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواستون پڻ ڏنيون آهن جن جون ٻڌڻيون هلي رهيون آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.