روڊ حادثن ۽ قبيلائي جهيڙن ۾ سنڌي ماڻهن جي ٿيندڙ نسل ڪشي

تحرير: اختر چنو

روزانو ميڊيا تي ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن اچو ته انهن سمجهون جهڙوڪ : روڊ ايڪسيڊنٽ، قبائلي تڪرار، منشيات، چوريون/ ڌاڙا/ ڦرون  وغيره.مٿي ذڪر ڪيل ناسور ڪنهن به قوم کي تباھ برباد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. سڀ کان پهرين ڏسڻو اهو آهي ته منشيات جيڪا سنڌ ۾ هلي پئي اها ننڍن وڏن شهرن کان وٺي ٻهراڙين تائين وافر مقدار ۾ واپرائي پئي وڃي. هن وقت تائين هزارين لکين ماڻهو نشي جهڙي گندي عادت ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. ڪيترين ئي مائرن جون جھوليون خالي ٿي چڪيون آهن. رڳو سڄي سنڌ ۾ ڪروڙ کان مٿي ماڻهو منشيات واپرائن ٿا.

منشيات واپرائڻ ۾ خاص ڪري ننڍي عمر وارا ڇوڪرا جن جي عمر 15 کان 30 سال آهي انهن جو تعداد گهڻو آهي. تعليمي ادارن ۾ به منشيات پنهنجا پير کوڙي چڪي آهي ڪاليج ۽ يونيورسٽين جا نوجوان به منشيات واپرائڻ جا عادي آهن. جڏهن ته ڪنهن به ڪميشن يا چٽا ڀيٽي جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ لاڳيتو پنج سال سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي پر جڏهن نشي جي عادت ۾ نوجوان ملوث ٿي ويندا ته سندن اهو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهندو! سرڪار منشيات جي روڪٿام لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ نه ورتا آهن ۽ نه ئي وري لوڪل سطح تي انتظاميا ڪي قدم کڻي رهي آهي. اينٽي نارڪوٽڪس وارو ادارو پئسن ڪمائڻ جي مشين ثابت ٿيو آهي، باقي منشيات روڪڻ لاءِ اڃا تائين ان اداري ڪي به قدم ڪونه کنيا آهن.مان سمجهان ٿو ته سنڌي ماڻهن جي منشيات جي ذريعي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، اهو عمل انتهائي ڀيانڪ آهي!

چورين، ڦرن ۽ جا به ڪيترائي واقعا روزانو جي بنياد تي ٿي رهيا آهن. اهو ڏينهن خالي ناهي جو ڦر واقعي دوران ماڻهن کي گوليون هڻي قتل نه ڪيو ويو هجي! هونئن ته سڄي سنڌ سڙي ٻري رهي آهي پر خاص ڪري اتر سنڌ ڪشمور ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، گهوٽڪي ضلعن ۾ اهي واقعا ٻين ضلعن کان گهڻا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ضلعن مان ڪيترائي هندو ڪميونٽي جا ماڻهو صدين پراڻا پنهنجا ابا پڊ ڇڏي ڏيساور ۾ آباد ٿي رھيا آھن. مختلف بينڪن ۾ 75% کان وڌيڪ هندو برادري ئي پئسو رکندي آهي. ڌاڙن ۽ ڦر واقعن دوران الائي جي ڪيترا هندو واپاري قتل ٿي چڪا آهن. روئندي روئندي سنڌ کي الوداع ڪندا آهن. صحافين جي سوال پڇڻ تي سندن اهو موقف هوندو آهي ته انتظاميه اسان کي ڪو به تحفظ مهيا نٿو ڪيو وڃي. اسان ڌاڙيلن ۽ راڪشس ماڻهن جو تمام سولو هدف آهيون، تنهن ڪري هاڻي وڌيڪ هتي رهي نٿو سگهجي. گهرو کاتي کي بلڪل هن حساس مسئلي کي سنجيدگي سان ڏسڻ گهرجي. پوليس کي بجاءِ پروٽوڪول وٺڻ ۾ مصروف رکڻ جي انهن کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ڏني وڃي. ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي نشاني تي هاڻي امير غريب سڀ آهن. ملڪ هلندو ئي عوام جي ٽيڪس تي آهي ان جي بدلي ۾ رياست عوام کي صحت جون سهولتون، تعليم، روزگار ۽ امن امان فراهم ڪندي آهي پر هتي ته ڪاري وارا ڪک آهن سڄي سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي آهي، پيا ماڻهو مارين ۽ ڦرين پر حڪمرانن کي ذري جو به احساس ڪونهي اهو عمل انتهائي ڀيانڪ آهي. اسان جي ڌاڙيلن هٿان نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. قبيلائي تڪرار به هڪ ناسور بڻيل آهن سنڌ جي لاءِ هن وقت تائين هزارين ماڻهو قبائلي تڪرارن سبب قتل ٿي چڪا آهن. قبائلي تڪرارن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ رياست ڪي به اپاءَ ڪانه پئي وٺي. هر علائقي ۾ بااثر ماڻهو پنهنجون عدالتون لڳايو ويٺا آهن، ڪورٽن ۽ پوليس کي اهي با اثر کنگهن به ڪونه ٿا. جڏهن ته هتي اڃان تائين برطانوي قانون لاڳو آهي. ان موجب پوليس هڪ خودمختيار سولين ادارو آهي، جنهن جي ڪري پوليس تمام گهڻا اختيار ڏنل آهن. برطانيا جي اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس پنهنجي تحقيقاتي ۽ شفافيت واري عمل جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. اسان وٽ حالت اها آهي جو هر ايندڙ حڪومت پوليس کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندي آهي خاص ڪري سياسي مخالفن خلاف!  پوليس کي بااختيار ڪيو وڃي ۽ ان منجهان سياسي اثر رسوخ ختم ڪرڻ سان عوام وڃي ڪو سک جو ساھ کڻندو، باقي نه ته ائين بيگناھ ماڻهو مرندا رهندا. ڪابه داد رسي ڪانه ٿيندي.

روڊ ايڪسيڊنٽ جا واقعا هونئن ته سڄي دنيا ۾ ٿيندا رهن ٿا ۽ قيمتي جانيون ضايع  ٿينديون رهن ٿيون. پر سنڌ ۾ روڊ ايڪسيڊنٽ جا واقعا تمام گهڻا ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ جيڪي هاءِ ويز ٺهيل آهن اهي ان معيار جا آهن ئي ڪونه! جنهن به ضلعي ۾ ڪو سٺو روڊ ٺهڻ جو پروجيڪٽ اچي ٿو ٺهڻ کان اڳ ئي ان جا اڌ پيسا با اثر ماڻهن جي کيسي ۾ هليا وڃن ٿا. نتيجي ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو وڃي ٿو پوءِ اهو روڊ ڪجھ ئي ڏينهن کان پوءِ هيٺ مٿي ۽ ان بيلنس ٿيو وڃي. جنهن جي ڪري ئي اسپيڊ سان ايندڙ گاڏيون يا ته ڪلٽي ٿين ٿيون يا ٽڪرائجن ٿيون. ڪراچي کان حيدرآباد جنهن کي موٽر وي سڏيو وڃي ٿو. اهو موت وي آهي. حالانڪ ٽول ٽيڪس روزانو ڪروڙين اربين رپيا جمع ڪئي پئي وڃي. ڪراچي حيدرآباد روڊ تي به هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو روڊ ايڪسيڊنٽ سبب فوت ٿيا آهن. هن روڊ تي ٽرڪيون، بسون، ٽينڪرز، رڪشا، اسڪوٽر، ڪنٽينرز ڪارون وغيره سڀ هڪڙي روڊ تان گزرن ٿيون هر هڪ گاڏي جي پنهنجي اسپيڊ ۽ وزن آهي. هن روڊ تي به گاڏين کي باھ لڳڻ جا واقعا بنسبت ٻين شهرن جي تمام گهڻا ٿيندا آهن. وفاقي حڪومت کي سنڌ واسين جي حال تي رحم ڪرڻ گهرجي. جيڪي به هاءِ ويز انهن جي هٿ وس آهن انهن جي معياري تعمير نو ڪرائي اسان سنڌ واسين کي موت ويز مان نجات ڏياري. سنڌ جي ساڃاهه وندن کي انهن مسئلن تي آواز اٿارڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.