هتي هنن ئي مضمونن ۾ سدائين اهو لکندا آيا آھيون ه پارلياماني نظام جي حڪومتي نظام ۾ پارلياماني ڪميٽيز جو ڪهڙو ڪردار هجڻ ضروري آھي،يا پارلياماني ڪميٽيز ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽيز جو ڪم آھي ڪهڙو،اهي ڪميٽيز ٺھڻ جو مقصد ۽ منزل ڇا هوندي آھي؟.اهي ۽ اهڙا کوڙ سارا سوال ان ڳالهه تي جنم پيا وٺن ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ پارلياماني نظام هوندي هڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جڙندي آھي.ان ڪميٽيء جو پنهنجا اختيار آھن ۽ انهن اختيارن جي بنياد تي سربراھ جيڪو چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سڏبو آھي کي اختيار هوندو آھي ته هو سنڌ حڪومت جي ماتحت مڙني کاتن جي ڪاڪردگي معلوم ڪري.ڪٿي خدو خال هجي ان جي انڪوائري ڪنڊڪٽ ڪرائي سڌو ڪرائي ته جيئن ادارتي ڪارڪردگي بهتر نتيجا ڏئي عوام لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري سگهي.پارلياماني نظام ۾ پي اي سي ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽيز جو حڪومت ۽ ادارتي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۾ وڏو ۽ اهم ڪردار هوندو آھي،بشرط اهو ڪم ٿيڻ کپي.
اتفاق اهو ٿيو آھي ۽ ظلم جي حد اها آھي ته هتي ملڪ جي پارلياماني نظام هوندي ڪيتريون ئي اسٽينڊنگ ڪميٽيون ته پوري پنج سالا پارلياماني دور جڙي ناهن سگهنديون.!!جي جڙي پن ته انهن جو فنڪشنل ٿيڻ تمام ڏکيو هوندو آھي.اوهان سڀني کي ياد هوندو ته قومي اسيمبليءَ ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين اليڪشن کانپوءِ ڏهن مهينن تائين چونڊيو ئي نه ويو. جڏهن کان چونڊيو ويو آھي ته انهيءَڪميٽي جو باضابطه طور ڪو خاص اجلاس ئي ناهي ٿي سگهيو جيڪو ميڊيا تي رپورٽ ٿيو هجي؟ انهيءَ قومي اسيمبليءَ جي پي اي سي جي ميمبرز جي به رپورٽ منظر عام تي ناهي اچي سگهي ته ڪير ڪير ميمبرز آھن.اهڙي ئي نموني ۾ صوبي سنڌ جي پارليامينٽ سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ اندر سواءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ ڪا به پارلياماني ڪميٽي جنهن کي اسٽينڊن ڪميٽي به چئي سگهجي ٿو هن وقت تائين مڪمل طور فنڪشنل يا سرگرم عمل ناهن.هڪ محتاط اندازي موجب چاليھه کن ڪميٽيز ٺھيل آھن،ڪن جا ميمبرز مڪمل ته ڪن جا شايد مڪمل به ناهن ۽ رپورٽس موجب ڪيترن ئي ادارن جون اسٽينڊنگ ڪميٽيون جڙيون ئي ناهن.!؟.اهو سوال پنهنجي جاء تي اهميت سان ڪر کنيو بيٺو آھي ته ان جو زميوار ڪير آھي؟.
گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ اندر ڪميٽي روم ۾ ٿي گذريو.هن اجلاس ۾ سنڌ جي تعليمي بورڊز جي ڪارڪردگي پڻ بحث ھيٺ آئي جيڪا هڪ سواليه نشان آھي.چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سينيئر پارلياماني ميمبر نثار احمد کهوڙو جي صدارت ۾ اجلاس ٿي گذريو،اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته سنڌ جي تعليم بورڊز ۾ مالي بيضابطگين ۽ ٻين معاملن جي خصوصي آڊٽ ڪرائي وڃي.پي اي سي جي سمورن ڪميٽي ميمبرن تعليمي بورڊز جي ڪارڪردگيء تي بي اعتمادي جو اظھار ڪيو ويو آھي.چيئرمين پي اي سي نثار احمد کهوڙو جو چوڻ آھي ته اسپيشل آڊٽ ڪرائي چئن مهينن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي؟جڏهن ته يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي کي کپي ته هڪ هفتي اندر ٽي او آرز تيار ڪري ڊي جي آڊٽ کي ڏيڻ کپن.
پي اي سي سنڌ جي هيءَ خبر پڙھڻ کان پوءِ ذھن ۾ ڪيترائي سوال اڀرن ٿا ته تعليمي بورڊز جو اهو حال آھي ته پوءِ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي ڪيتري بهتر ۽ خراب هوندي سا به پڻ جاچڻ کپي؟گذريل هڪ سال اندر جڏهن کان وٺي نثار احمد کهوڙو پي اي سي جو چيئرمين ٿيو آھي 20 کان مٿي ادارن جي ڪارڪردگي جون جيڪي رپورٽون پي اي سي جي اجلاس به سامهون آيون آھن سي ڪٿي به ڪنهن به هڪته اجلاس مٿان اجلاس ٿيندا رهيا آھن ۽ ڪيترن ئي هڪ اندازي موجب نموني طور پش ڪرڻ لاءِ ڪنهن اداري جي رپورٽ ۽ ڪارڪردگي مطمئن جوڳي ناهي اچي سگهي.جو چئي سگهجي ته سنڌ ۾ هي هڪ ادارو چاهي اهو قانون وارو ادارو ڇو ڪونه هجي سامهون بهتر ڪارڪردگي طور ناهي اچي سگهيو.
ان بنياد تي ايئن چئجي ته سنڌ ۾ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي سواليه نشان بڻيل آ ته غلط نه ٿيندو.
ملڪ جي پارلياماني ليڊرز ۽ زميوار پرلياماني ميمبرز ۽ انهن ڪميٽيز جي سربراھن اڳيان هي سوال اهميت جوڳو آھي ته انهن ايڏين وڏين اختيارن هوندي حڪومتي نظام اندر پارلياماني نظام هوندي اداري ڪارڪردگي ڇو بهتر ڪونه آھي؟جيڪا رياست،صوبي ۽ عوام جي بهتر خدمت ڪري سگهي.ڏٺو وڃي ته قومي اسيمبليءَ کان ويندي سنڌ اسيمبليءَ تائين ڪيتريون نه پارلياماني ڪميٽيز هونديون،ڪيرا نه ڪروڙين روپيا انهن جي اجلاسن ۽ سربراهن تي خرچ ٿين ٿا سي پڻ خود ادارتي بهتر ڪارڪردگي نه ڏيڻ وانگر سواليه نشان بڻيل آھن.سنڌ اسيمبلي پنهنجي پارلياماني نظام جي تسلسل جو چوٿون ڀيرو هلي رهي آھي جنهن ۾ ڪيترائي ميمبرز اڪثر طور پارلياماني ڪميٽيز جا چيئرمين ۽ ميمبرز بڻيل رهيا آھن ۽ سندن مٿان پگهارن کان علاوه پارلياماني سيڪريٽريٽ معرفت اربين روپيا خرچ ٿين ٿا پر ڪارڪردگي ڪا خاص سامهون ناهي اچي سگهي.؟جيڪڏهن آئي آھي سان پڻ منظر عام تي سامهون ناهي اچي سگهي،تنهن جو زميوار ڪير آھي سو پڻ سالن کان سوال جواب جو متلاشي رهيو آھي.
ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي پارلياماني اڳواڻن کان علاوه سياسي اڳواڻن ۽ سياسي ورڪرز توڙي ميڊيا جي ورڪرز کي کپي ته هو اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان مالي سهولتون وٺندڙ پارلياماني ڪميٽيز جي سربراهن ۽ ميمبرز کان به سوال ڪرڻ کپي ته اوهان جي معرفت پارليامنٽ ۽ پارلياماني ڪميٽيز ڪهڙي ڪارڪردگي رهي آھي.؟هن 2024 جي اليڪشن ۾ چونڊجي آيل اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جي دلچسپي کانپوءِ ۽ ايڪٽوونيس کان بعد سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ پنهنجي انتظامي ۽ پارلياماني ڪمن ڪارين ۾ ڪافي سرگرم نظر اچي رهي آھي.پارليامينٽ اندر اسٽينڊنگ ڪميٽيز جي آفيسن کي سرگرم ڪرڻ انتظامي عملي کي کي ايڪٽوو ڪرڻ پڻ هڪ سٺي منظم جي پڻ نشاني نظر اچي رهي آھي.ان بنياد تي سينيئر منتظم سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي غام محمد عمر فاروق ٻرڙو جي به خصوصي توجهه ان جو سبب آھي.اهڙي ئي نموني ۾ سينيئر سياستدان ۽ پارلياماني ميمبر چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نثار کهوڙو بحيثيت چيئرمين بهتر ڪارڪردگي جو مستحق آھي،سندس جي انتظامي ٽيم جيڪا پڻ نوجوان اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ ڏني آھي پڻ بهترين چونڊ چئي سگجي ٿو،انتظامي ٽيم جي سيڪريٽري محمد خان رند جي ڪارڪردگيء کي ۽ سندس محنت کي داد نه ڏجي ته ڄڻ مناسب نه ٿيندو.انهن سڀني ڳالهين هجڻ ۽ نه هجڻ باوجود هتي اهو نتيجو طئي نه ڪري سگهجي ته بلآخر هن وقت تائين هر هفتي هڪ ٻه پي اي سي جا اجلاس ٿين ٿا پر ادارتي ڪارڪردگي بهتر اچڻ ڄڻ ته هڪ خواب آھي جو پڻ ڪڏهن ساڀيان ٿي پوي.جيڪو اڃا پنڌ آھي سو به پيرين پنڌ۔۔۔۔۔
سنڌ جي سياسي ۽ پارليماني ليڊرز اڳيان سوال رکجي ٿو ته براءِ مهرباني پارلياماني نظام جي هوندي ۽ اوهان سياسي ليڊرز جي هوندي رياست جي ادارن جي ڪارڪردگي سواليه نشان تي هجي ته پوءِ اهو ضرور ٻڌايو ته اهو ڪهڙو نظام هوندو جيڪو پڻ اچي رياستي ادارن جي بهتر ڪارڪردگي پيش ڪرڻ جو ذميوار هجي.؟