حيدرآباد ( رپورٽر) بيدردي سان قتل ڪيل سنڌ جي نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جا وارث سندس قتل ڪيس ۾ پوليس جي جاچ تي اڃا تائين سامهون اچي بداعتمادي ظاهر نه پيا ڪن. پر وارثن پاران ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل واري ڪيس جي جاچ جي لاءِ قانون واري وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪرڻ مان پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ٿيڻ جو تاثر اڀري رهيو آهي. ياد رهي ته ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس ۾ رڳو سندس هنج ورتل پٽ وشال عرف شاهه لطيف کي ملوث قرار ڏنو هو، قتل جي واردات ۾ ٻين جوابدارن جي ملوث هجڻ وارين خبرن جي هن ترديد ڪئي هئي، ايس ايس پي جي پريس ڪانفرنس جي ڪجهه ڳالهين تي سوال اٿاريا پئي ويا، ايس ايس پي جي ان دعويٰ بعد سوشل ميڊيا تي به پوليس جي جاچ تي سوال اٿي رهيا آهن ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ رڳو سندس هنج ورتل پٽ ئي ملوث نٿو ٿي سگهي. ممڪن آهي ته ان واردات ۾ ٻيا هٿ به ملوث هجن. ان ڪري ڪيس جي جاچ شفاف طريقي سان ڪئي وڃي.