سنڌو تي ڌاڙي خلاف 23 تاريخ تي ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هڻنداسين: صنعان قريشي

ڳڙھي ياسين(ن ع آ) سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ سنڌي قوم ڪڏهن به برداشت ڪو نه ڪندا ، سنڌ جي حقن تي هميشه پنجاب ڌاڙا هڻي سنڌ جا حق ڦريا آھن ، اسان 23 تاريخ تي سنڌ جي پاڻي ۽ ڪئنالن خلاف ڪمو شهيد وٽ ڌرڻو هڻي سنڌ امڙ سان ٿڃ ملهائبو. اهڙن خيالن جو اظھار جسقم چيئرمن صنعان خان قريشي ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا ۾ پهچي پنهنجي پراڻي ڪامريڊ قيوم ڪاڪيپوٽو ، ڪامريڊ عابد شيخ ۽ ذوالفقار عرف ڍولڻ ڏھر جي پونئرن سان تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.