ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) نيب اهلڪارن بحريا ٽائون ڪراچي ۽ بحريا ٽائون فيز 2 خلاف سخت ڪارروائي ڪئي آهي. نيب طرفان بحريا ٽائون ڪراچي ۽ بحريا ٽائون فيز 2 ڄام شورو ۾ ڇاپا هنيا ويا. بحريا ٽائون انتظاميا، ٽائون پلانرز ۽ ٻين نيب اختيارين کي واڌو زمينن جي مالڪي بابت ثبوت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. بحريا ٽائون انتظاميا نيب جي جاچ ٽيم کي پنهنجي جواب سان مطمئن نه ڪري سگهي. نيب عملدارن بحريا ٽائون کي ڏنل منظوري ۽ اضافي زمينن جو جائزو ورتو. بحريا ٽائون بحريا گرينز جي نالي تي 12 هزار ايڪڙ اضافي زمين حاصل ڪري ورتي آهي. بحريا گرينز جي نالي تي سرڪاري، خانگي ڳوٺن ۽ قبرستانن جي زمينن تي به قبضا ڪيا آهن. بحريا ٽائون پريسنڪٽ 41 ڀرسان 8 ڪلوميٽر جي اضافي زمين تي بائونڊري وال لڳائي قبضو ڪيو ويو آهي. بحريا ٽائون فيز II جي 2 هزار ايڪڙ اضافي زمين حاصل ڪئي وئي آهي. مختيار ڪار نيب اختيارين کي زمين جو صحيح رڪارڊ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا. بحريا ٽائون جي غيرضروري مداخلت سبب K4 پروجيڪٽ ۾ دير ٿي آهي .