اسلام آباد(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) ملڪ رياض خلاف نيو مري پروجيڪٽ گولف سٽي ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ مٿس ساڍا 4 هزار ڪنال سرڪاري زمين تي قبضو ڪرڻ جو الزام آهي، ملڪ رياض خلاف ريفرنس احتساب عدالت نمبر 1 راولپنڊي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، نيب ذريعن موجب ريفرنس ۾ ملڪ رياض خلاف 4500 ڪنال سرڪاري زمين تي قبضو ڪري ان کي گالف سٽي ۾ شامل ڪرڻ جا ثبوت پيش ڪيا ويا، ان زمين ۾ ٻيلي کاتي جي زمين ۽ مانگاهه، سالکيتر ۽ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن جي زمين شامل آهي، ملڪ رياض فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيلي کاتي جي عملدارن جي سهڪار سان سرڪاري زمين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن کي بحريا ٽائون جي مري گالف سٽي رهائشي منصوبي ۾ شامل ڪيو، ڪرپشن ۽ فراڊ جي ان ريفرنس ۾ ناڻي کاتي جي 28 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، نيب جاچ کانپوءِ احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ان کان اڳ نيب ڪراچي بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض ۽ علي رياض سميت 33 جوابدارن خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو.