4 مارچ جو هيرو ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو

عمرڪوٽ(رپورٽ: غلام مصطفي مھر ) عمرڪوٽ جي سياسي دور جي پڄاڻي سينئير سياستدان ۽ 4 مارچ جو ھيرو ايم آر ڊي جو اسير ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ھميشه آواز اٿاريندڙ ۽ سنڌي  ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ سميت سنڌ جي اھم مسئلن تي آواز اٿاريندڙ پ پ ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر ڪجھ وقت علالت ۾ رھڻ بعد رات دير سان ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ 82 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو نواب محمد يوسف ٽالپر 15 جنوري 1943 ۾ نواب پير بخش ٽالپر جي گھر جنم ورتو شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو ويجھو ساٿي رھيو مرحوم جي جنازي نماز اڄ اربع تي ڪنري ڀرسان سندس ڳوٺ مانجھاڪر ۾ 2 بجي ادا ڪئي ويندي نواب محمد يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي عمرڪوٽ ضلعي ۾ سوڳوار ماحول ڇائنجي ويو آھي نواب محمد يوسف ٽالپر پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان 6 ڀيرا ايم اين اي طور ڪاميابي ماڻي ۽ ھميشه سنڌ جي بنيادي مسئلن تي اعلي ايوان آواز اٿاريائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.