ٺٽو(رپورٽ:منصور جلالاڻي)سنڌو درياءُ مان چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف جسقم آريسر جو ڪراچي لاءِ شروع ٿيل پيادل لانگ مارچ سنڌ جي تاريخي شھر ٺٽي پھچڻ تي مختلف سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن،قومپرستن ۽ شھرين نواز شاھ ڀاڏائي،حاجي انور ڪرناڻي، راول ڪرناڻي، ڪامريڊ ارشد خشڪ ۽ ٻين مارچ جي پانڌيئڙن تي گلن جي ورکا ڪندي شاندار استقبال ڪيو، پيادل مارچ جي پانڌيئڙن جا پير پٿون ۽ حوصلا بلند ھئا. ان موقعي تي جسقم جي چيئرمين اسلم خيرپوري ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءُ تي ڌاڙو ھڻي زبردستي ڇهھ ڪئنال ٺاھڻ ۽ گرين انيشيٽو جي نالي تي زمين تي والار ڪئي پئي وڃي، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي ٻي پاسي وري ھاڻي سنڌو درياءُ جو نالو مٽائڻ جي ڳالھ ڪئي پئي وڃي،هن چيو ته اسان سنڌ جي عشق ۾ وطن جي بقاءُ خاطر پيا جدوجھد ڪيون. سکر کان ٺٽي تائين واھڻ واھڻ وستي وستي جھر جھنگ اسان کي لکين چُمين جا تحفا مليا آھن اھا سنڌ جي محبت آھي.