مصطفيٰ کي وحشياڻي تشدد بعد بلوچستان ۾ زنده ساڙڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ ٻئي جوابدار شيراز بابت جاچ رپورٽ سامهون آئي آهي، جنهن ڇرڪائيندڙ۾ انڪشاف ڪيا ويا آهن.
جاچ رپورٽ موجب، جوابدار شيراز ۽ ارمغان ننڍپڻ جا دوست ۽ اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئا، اسڪول کانپوءِ هاڻي ڏيڍ سال اڳ ارمغان سان شيراز جي ٻيهر دوستي ٿي، ارمغان جي بنگلي تي شينهن جا ٽي ٻچا موجود هئا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ويو آهي ته ارمغان بنگلي تي اڪيلو رهندو هو ۽ ڪال سينٽر هلائيندو هو، ڪال سينٽر ۾ عورتن سميت 30 کان 35 ماڻهو ڪم ڪندا هئا، جوابدار شيراز موجب، ارمغان کي هٿيارن جو شوق هو.
رپورٽ موجب، مصطفيٰ عامر به ارمغان ۽ شيراز جو دوست هو، مصطفيٰ سان شيراز جي دوستي ارمغان وٽ ئي ٿي هئي، نيو ايئر نائيٽ ۾ ارمغان جي بنگلي ۾ پارٽي هئي پر مصطفيٰ نه آيو هو، 6 جنوري تي مصطفيٰ ڪال ڪري ارمغان جي بنگلي تي شيراز کي سڏايو، ٿوري دير کانپوءِ ارمغان مصطفيٰ کي گاريون ڏيڻ کانپوءِ ڏنڊي سان مارڻ شروع ڪيو، ارمغان مصطفيٰ کي مٿي ۽ گوڏن تي ڌڪ هنيا ته سندس رت وهڻ لڳو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مصطفيٰ تي تشدد کانپوءِ ارمغان وري هڪ رائفل کنئي ۽ ڀت تي ٻه فائر ڪيا، ڌمڪائڻ کانپوءِ مصطفيٰ کي ان کي سندس ئي گاڏي ۾ بند ڪيو ويو، مصطفيٰ کي بلوچستان وٺي وڃي گاڏي سميت ساڙيو ويو.
رپورٽ ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ارمغان جي گهر ۾ رت جا نشان نوڪرن کان صاف ڪرايا ويا، شيراز ٻڌايو ته مصطفيٰ جي ماءُ کي ڀنگ جي ڪال ڪنهن ڪئي ان جي کيس ڪا به ڄاڻ نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.