نيپرا چيئرمين ۽ ميمبرن پنهنجون پگهارون پاڻ ئي 220 سيڪڙو وڌائي ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي چيئرمين ۽ ميمبرن پنهنجي پگهارن ۾پاڻ ئي 220 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي. ذريعن موجب، پگهارن ۾ واڌ لاءِ وفاقي ڪابينا جي منظوري لازمي هوندي آهي، پر نيپرا اٿارٽي بنا ڪنهن منظوري جي 20 کان 22 لک روپيا تائين پگهارن ۾ اضافو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پگهارن ۾ پنهنجي مرضيءَ سان واڌ ايڊهاڪ رليف ۽ ريگوليٽري الائونس جي مد ۾  ڪيو ويو ۽ آڪٽوبر 2023 جي نظرثاني ٿيل نوٽيفڪيشن موجب پگهار سموري مراعتن سميت 10 لک رپيا ٿئي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيپرا چيئرمين ۽ ميمبرن سڀ ايم پي ون ۾ شامل آهن، واڌ بعد چيئرمين نيپرا جي پگهار 32 لک کان وڌي وئي ۽ نيپرا جي چئني ميمبرن جون پگهارون به وڌي 29 لک رپين تائين ٿي ويون آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.