اسلام آباد(ع آ نيوز) پي ٽي آءِ مان نڪتل ميمبر قومي اسيمبلي شير افضل مروت چيو آهي ته هو قومي اسيمبلي جي سيٽ ڇو ٿو ڇڏي؟ پارٽي تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران شير افضل چيو ته زين قريشي کي شاهه محمود قريشي جي ڪري ئي سمجهيو ويو آهي، هو شاهه محمود جو پٽ آهي ۽ سندس قربانيون آهن. مڃڻو پوندو ته اهو موروثي سياست جي زمري ۾ نه پر فرق جي زمري ۾ اچي ٿو. هن چيو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو، اها خبر ناهي. نواز شريف کي به خبر ناهي ته کيس ڇو ڪڍيو ويو. نواز شريف ۽ مون ۾ هڪ جهڙائي آهي. هن چيو ته ثاقب نثار کي باجوا استعمال ڪري نواز شريف کي ڪڍرايو ان ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو ڪردار نه هو. نواز شريف کي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پارلياماني پارٽي شيرا فضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ واري فيصلي جي ٻيهر جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ شير افضل مروت، زرتاج گل، بئريسٽر گوهر، جنيد اڪبر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني پارٽي ميمبرن مطالبو ڪيو ته اسان سڀني کي ٻڌايو وڃي ته شير افضل مروت کي ڇو ڪڍيو ويو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته هي پارٽي جو اندروني معاملو آهي، ان کي اندروني سطح تي حل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني پارٽي جي ميمبرن پي ٽي آءِ جي باني کي شيرافضل مروت جي حق ۾ پيغام موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.