مانجهند ويجهو قلندر جي پانڌيئڙن سان روڊ حادثو، ٻن ڀينرن سميت 4 ڄڻا فوت، 25 زخمي

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي )مانجهند ڀرسان ڳوٺ خاصائي انڊس هاءِ وي تي  لاڙڪاڻو کان سيوهڻ ايندي قلندر لعل شهباز جي ميلي جا زائرين  ڪراچي  کڻي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ گڏھ کي بچائيندي ڪلٽيون کائي روڊ تي ڪري پئي  حادثي جي نتيجي ۾ ٻن ڀينرن سميت 4 مسافر چيڀاٽجي فوت ٿي ويا جڏھن ته 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا فوتين ۾ 7 ورهين جي بسما ڌي بهادر سندس ڀيڻ 12 ورهين جي ثنا 60 ورهين جو باقراڻي جي ڳوٺ خير محمد آريجا واسي انور علي مڱريو  ولد محمود ۽ ٻارڙو سالار شامل آهن زخمين ۾ عتيق الرحمان عبدالرزاق چانڊيو سيد ارشاد شاھ بهادر علي محمد اسلم عادل محمد موسي عادل محمد حنيف سهانا وحيد علي ڀنگر رسول بخش عتيق الرحمان ساجده سلام کوسو ۽ ٻيا شامل آهن جن کي مقامي ماڻهن بس مان ڪڍي مختلف گاڏين ذريعي تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي هڪ لاش جي پوسٽ مارٽم ڪئي وئي جڏهن ت ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب ٻن ڀينرن جي  جي لاشن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو 8 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو هوڏانهن خاڻوٺ پوليس دير سان پهچڻ سبب فوتين ۽ زخمين جو سامان گم ٿي ويو تعلقه اسپتال مانجهند ۾ چئرمين ٽائون ڪميٽي حافظ امتياز ميمڻ زخمين جي لا۽ جوس ۽  پاڻي جو بندوبست ڪندي  فوتين جي لاشن تي اجرڪون وڌيون سوين شهري پهچي ويا جن زخمين کي کڻڻ ۾ مدد ڪئي ٻي طرف خاڻوٺ کان مانجهند انڊس هاءِ وي ڊبل نه ٿيڻ سبب حادثا معمول بڻيل آهن سوين زندگيون دا۽ تي لڳل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.