ارمغان جي گهر مان هٿ آيل ڪروڙن جا هٿيار ڪيڏانهن ويا؟ ادارن پاران جاچ شروع

اوٽاوا (حنيف دوامي) ارمغان جي گهر مان 100 کان وڌيڪ رائفلون، بندوقون، پسٽل، ريوالور هٿ ڪيا ويا هئا، انهن ۾ 50 لک رپين تائين جون رائفلون به هيون. ذريعن موجب هڪ اهم صوبائي شخصيت پوليس  کي اهي هٿيار پنهنجي بنگلي منتقل ڪرڻ جو چيو ۽ اهڙي حڪم تي ڳجهه ڳوهه ۾ عمل ڪيو ويو، ٿورن گهٽ هٿيارن کي رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو.،اطلاع آهن ته اهي هٿيار ان هٿيارن واري ڊيلر کي پهچايا ويا جنهن کان جوابدار ارمغان پنهنجي گرفتاري کان هفتو اڳ 8 ڪروڙن ۾ هٿيار خريد ڪيا هئا، هٿيارن جو ڊيلر”ربي“ ڪير آهي؟هٿيارن واري ڊيلر ۽ صوبائي وزير جا پاڻ ۾ ڪهڙا لاڳاپا آهن؟ذريعن موجب ربي جو ڀاءُ صفوران حملي ۾ مبينه طور ملوث هو،ڳجها ادارا ربي جي ڳولا ۾ آهن،پوليس ذريعن موجب اهو ڊيلر ملي ويو ته پوءِ پوليس جا اهم عهدن تي رهندڙ آفيسر ۽ هڪ وزير به بچي نه سگهندا،هٿ ڪيل هٿيارن کي رڪارڊ جو حصو ڇو نه بڻايو ويو؟ذريعن موجب جتي مصطفيٰ کي گاڏي ۾ کڻي وڃي باهه ڏني وئي، هڪ سال اڳ اتي ٻي گاڏي کي به ائين ئي ساڙيو ويو هو حساس ادارا هن وقت صفيان ۽ رافع کي ڳولي رهيا آهن اهي ٻئي ارمغان جا ويجها دوست آهن جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ڊي آءِ جي مقدس حيدر پريس ڪانفرنس ۾ مارشا جو نالو به نه وٺي سگهيو هو، ذريعن موجب هو ڪراچي جي وڏي واپاري شخصيت جي ڀائيٽي آهي. اها واپاري شخصيت اسٽاڪ ايڪسچينج لاءِ ماهر ۽ سرگرم سمجهي ويندي آهي. مارشا کي فرار ڪرائڻ ۽ پوليس کان بچائڻ ۾ ان ئي بزنس ٽائڪون جو ڪردار آهي ۽ هاڻي به هو ڪيس تي اثرانداز ٿي رهيو آهي.پوليس کي ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون ته جيڪڏهن اوهان مارشا جو نالو ورتو توهان کي سنڌ مان ئي ڪڍيو ويندو، ڳالهه پوليس عملدارن جي نوڪرين تي اچي وئي هئي. ٻن ادارن ۾ مصطفيٰ معاملي تي تڪرار ٿي پيو آهي. هڪ ادارو جوابدار ارمغان جي پيءُ ڪامران قريشي جي ڌر آهي ته ٻيو وري ڪسٽم آفيسر جي مقتول پٽ مصطفيٰ جي ڌر آهي. ٽئين اداري پوليس جي ساک بچائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ۽ معاملو سي آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪيس ۾ لاپرواهي جي الزام ۾ سي آءِ اي ڊي آءِ جي مقدس حيدر، اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل جو ايس ايس پي انيل حيدر ۽ سموري ٽيم کي تبديل ڪري سگهجي ٿو ۽ جاچ به شروع ڪئي وئي آهي ته گاڏي حب وئي ته ان جي ڄاڻ اينٽي وائلينٽ ڪرائم سيل جي ايس ايس پي کي ڇو نه پئي. ائين لڳي ٿو ته سندس خون جو سودو ڪيو پيو وڃي ڇو ته 50 بٽ ڪوائن جي گهر ڪئي پئي وڃي جڏهن ته جاچ ڪئي پئي وڃي.

  1. ارمغان جي گهر جديد سيڪيورٽي ڪئميرائون ۽ آٽوميٽڪ گيٽ لڳل

ڪراچي (رپورٽر ) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار ارمغان جي والد ڪامران ڪالهه شام جو ڪراچي  پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي چيو ته آءِ جي سنڌ پوليس هن ڪيس ۾ رشوت طلب ڪري رهيو آهي ۽ مون سميت خاندان کي جان جو خطرو آهي عدالتن ۽ پوليس تي اعتماد ناهي هن چيو ته  بلال ٽينشن کي گرفتار ڪيو وڃي سموري مامري جو حل نڪري ايندو،هن چيو ته گهر ۾ هٿيار پنهنجي تحفظ لاءِ رکيا آهن مارشه نالي ڇوڪري عقيل ڪريم ڊيڊي جي مائٽياڻي آهي  ارمغان تحفظ لاءِ پنهنجي گهر ۾ ڪيترائي جديد سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳايا هئا.ارمغان پنهنجي گهر اندر ڪال سينٽر قائم ڪيو هو.

  1. مصطفيٰ قتل ڪيس:مقتول جي قبرڪشائي جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس تسنيم سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ مصطفيٰ  عامر جي اغوا۽ قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان جي جسماني رمانڊ نه ڏيڻ تي ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عدالت  وقتي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ منتظر مهدي سميت ٻين جي درخواست منظور ڪندي جوابدار ارمغان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .عدالت جوابدار ارمغان کي اڄ مناسب سيڪيورٽي ۾عدالت ۾  پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ٻئي پاسي جڊيشل مئجسٽريٽ مصطفيٰ عامر جي قبر ڪشائي لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

  1. پراسيڪيوٽر جنرل پاران منتظم جج تي بي اعتمادي

ڪراچي (رپورٽر) وقتي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ منتظر مهدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته قانون جي موجب اسان جو حق آهي ته  جوابدار ارمغان جو رمانڊڏنو وڃي الڳ الڳ ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي باوجود اسان کي رمانڊ نه ڏنو ويو آهي،رمانڊ جي بغير ڪارروائي ڪهڙي طرح ٿي سگهي ٿي،جاچ ۾ رڪاوٽ سان انصاف نه ٿي سگهندو،هن چيو هڪ ماءُ جو پٽ قتل ٿيو آهي،ڊي ايس پي زخمي ٿيو آهي اسان ڪارروائي ته ڪنداسين،منتظر مهدي چيو ته ڊهشتگردي ٽوڙعدالتن  جي انتظامي جج جي خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪرڻ لاءِ  درخواست داخل ڪنداسين . اسان درخواست ڪئي آهي انتظامي جج کي اعتماد نه آهي

  1. مصطفيٰ جو لاش دفن ٿي ويو ته ثبوت به دفن ٿي ويا:جوابدار جو والد

ڪراچي(م ڊ) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جي والد ڪامران قريشي چيو آهي ته مصطفيٰ جو لاش دفن ٿي ويو آهي ته ثبوت به دفن ٿي ويا آهن، پوليس پٽ جو رمانڊ ڇو ٿي وٺڻ چاهي،پوليس کي ڏنل بيان جي عدالت ۾ ڪا به حيثيت ناهي،مان آمريڪا مان 6 سيپٽمبر کان هتي ترسيل آهن،هن چيو ته بلال ٽينشن کي مون ئي ارمغان وٽ موڪليو هو ڇو ته بدمعاش سان بدمعاشي ئي ڪرڻي پوندي آهي،هن ڪيس ۾ ڪنهن کي به رپيو به نه ملندو مان غريبن جي انداز ۾ اهو ڪيس وڙهي رهيو آهيان جيل ۾ ڏيڍ سئو رپين جو فروٽ پٽ کي موڪليو آهي،

  1. ڊفينس ۾ خوف جي علامت رهندڙ ارمغان گهر ۾ پارٽيون ڪرائيندو هو

ڪراچي(ماريا علي)ارمغان 2019ع ۾ ڀتاخوري ذريعي ڏوهن جي دنيا ۾ قدم رکيو هو،هو ڊفينس جهڙي پوش علائقي ۾ خوف جي علامت بڻيل رهيو،ڀتاخوري ۾ ناڪامي بعد هن منشيات فروشي جو ڌنڌو شروع ڪيو،هن خلاف ڪسٽم ٿاڻي تي ٻه ڪيس داخل ٿيل آهن،هو هڪ سال جي قيد به ڪاٽي چڪو آهي،2023ع ۾ گاڏي جي اوورٽيڪنگ تي هن شهري رياض تي فائرنگ ڪئي هئي جنهن جو به ڪيس  داخل ٿيل آهي،هر ڪيس ۾ سندس والد کيس ڪڍرائي ايندو هو،والد اهو به اعتراف ڪيو ته ارمغان گهر ۾ پارٽيون ڪندو هو جنهن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون نشو ڪري ڊانس ڪنديون هيون،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.