سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ خلاف جسقم آريسر جي مارچ جي سجاول ۾ شاندار آجيان

سجاول (رپورٽ: منظور ميمڻ) جسقم آريسر پاران سکر کان نڪتل ڪئنالن خلاف پيادل مارچ سجاول پھچي ويو اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ مارچ جي پھچڻ تي شاندار استقبال ڪيو .سکر کان جسقم آريسر پاران سنڌو ڌريا تي نوان ڪئنال ٺاھڻ جي خلاف 28 جنوري کان اسلم خيرپوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل پنڌ لانگ مارچ مختلف شھرن مان ٿيندو سجاول مين بس اسٽاپ تي پھتو جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو شھر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين پاران مارچ جي شاندار آجيان ڪئي وئي ۽ اڳواڻن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪندي مٿن گلن جي ورکاء ڪئي وئي ان موقعي تي جسقم چئرمين اسلم خيرپوري ڪرن نظاماڻي   ناز اسماعيل نوتڪاڻي فتاح چنا قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور جسقم جي سرمد ميراڻي امير مڱريو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو آھي درياھ تي ڪئينال ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين سنڌي قوم جو گذر سفر زراعت تي آھي سنڌ جو عوام ڪينال خلاف اٿي کڙو ٿئي. وفاق سنڌ مٿان پنھجا فيصلا مڙھڻ چاھي ٿو سنڌو درياھ سنڌ جي ملڪيت آھي درياھ بچائڻ لاء نڪتل آھيون اچو ته ڪراچي ۾ 23 فيبروري تي گڏ ٿي عالمي دنيا کي ٻڌايو ته سنڌ مٿان پنجاب پنھجا فيصلا مڙھي پيو سنڌو درياھ تي ڪئينال قبول ناھي سنڌ جا وسيلا وفاق  کڻي ٿو وڃي سمنڊ تي وفاق جو قبصو آھي سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاء ڌارين جون لوڌون سنڌ ۾ لاٿيون ويون آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.