ڪرچي ( رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه ڊپٽي اسپيڪر نويد اينٿوني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو،ايوان جي ڪارروائي دوران قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار سنڌ يونيورسٽي ترميمي بل 2025 ۽ سنڌ سول ڪورٽس ترميمي بل (نظرثاني ٿيل) کي الڳ الڳ منظوري لاءِ پيش ڪيو. ان موقعي تي، ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي اڳواڻي ۾ مخالف ڌر سخت احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو ۽ نعربازي ڪئي، جنھن ڪري ھال مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو مخالف ڌر لاڳاپيل بلن جي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، احتجاج ڪندڙ ميمبرن اسپيڪر اڳيان پھچي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ياد رھي تھ اهي ٻئي بل سنڌ اسيمبليءَ پاران اڳئين آخري اجلاس ۾ منظور ڪيا هئا، ان موقعي تي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ نقطه اعتراض تي ڳالهائيندي چيوتھ مخالف ڌر جو رويو قابل مذمت هو، هتي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ گڏجي ويا آھن، هاڻي انهن ۾ اتحاد ٿيو آهي، ايوان ۾ اڄو گوڙ انھيءَ اتحاد جو نتيجو آهي. مخالف ڌر جي ميمبرن احتجاج کان پوءِ بھ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.سنڌ اسيمبلي ۾ ڪارروائي دوران سنڌ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گڏيل طور تي قرارداد منظور ڪئي. اھڙي قرارداد پيپلز پارٽي جي ميمبر شازيه سنگهار پاران ايوان ۾ پيش ڪئي وئي.