ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ دنيا جون طاقتون ورهائجي ويون ۽ حرفتي انداز ۾ سپرپاوري آمريڪا جي هٿ آئي. مثال فيبروري 1945 ۾ برطانيا جي وزيراعظم ونسٽن چرچل، روس جي صدر جوزف اسٽالن ۽ آمريڪي صدر فرينڪلن ڊي روزويلٽ روس جي شهر منهٽن جي وسيع محل ”يالٽا“ ۾ ملاقات ڪئي. هڪ طرف جرمني، اٽلي ۽ جاپان هيا وري ٻئي طرف برطانيا، روس ۽ آمريڪا هڪ مُٺ هيا. آمريڪا جي پاسي بيٺل برطانيا کي اها سڌ نه هئي ته 1857 کان وٺي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي بهاني برطانيا سڄي برصغير تي قابض هئي. آسٽريليا به هن جي قبضي ۾ هو ته هوڏانهن آمريڪا تي به هنن جو تسلط هو پر جرمني هجڻ جي ڪري انگريزن کان هضم نه ٿي.
1939 ۾ پولينڊ جي حملي يورپي ملڪن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، ان ڪري انهن وٺ پڪڙ ڪري جرمني مان جان ڇڏائي ۽ ان کي ٻه اڌ ڪري هڪ روس جي حوالي ڪري ويا، جيڪو 1989 ۾ وري يونائيٽ ٿي گريٽر جرمني به ٿي ويو. پر آمريڪا منهٽن (روس) واري گڏجاڻي کانپوءِ جاپان تي حملو ڪيو، پر هيڏي برصغير ۾ برطانيا ته هيو انهن جي انخلا نه ڪئي هين، پر 14 آگسٽ 1947 ۾ برصغير مان برطانيا جي انخلا وري يهودين جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، ان ڪري انهن به يونائيٽيڊ نيشنز کي زور ڀريو ته اهي يهودين جي الڳ وطن جو اعلان ڪن.
مسلمانن جي توڻي جو سلطنت عثمانيا جيڪا 1928 ۾ ختم ٿي وئي، جنهن ۾ عربن جا 22 ملڪ ڦٽي نڪتا، جنهن ۾ سعودي عربن جي مسلمانن جي پنهنجي سازش به شامل هئي، پوءِ مسلمانن ڪهڙي چال هلي جو هاڻي جو بار رڳو فلسطيني مسلمانن تي آهي؟ يا مسلمانن جو اهو چوڻ ته ”اسان اسرائيلين کي نه ڇڏينداسين، انهن جي خلاف جهاد ڪنداسين“ واري ڳالهه مان فائدو ڇاهي؟ يا ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته اسان مسلمانن عيسائين ۽ يهودين جي وچ واري نفرت ۾ پاڻ ڦاسايو ويو آهي. پوءِ اهي يهودي ڄاڻن، عيسائي ڄاڻن، هٽلر ڄاڻي، جرمني ڄاڻي، ڀلا هنن جرمنيءَ کي ٻه ٽڪر نه ڪيو، يا عيسائين ۽ يهودين جي اها نفرت ڏسڻ وٽان نه هئي. پر يو اين يو پاڻ جڏهن اسرائيلين کي ”عيليه“ جي سڏ سان 1948 ۾ ٻيهر گهرايو. ان کان اڳ به ڪيئي ڀيرا اسرائيلي فلسطين ۾ ايندا رهيا ۽ فلسطيني عربن سان هلڪيون هلڪيون جنگيون ڪندا رهيا. مهڙ ۾ يو اين او جي ڊڪليريشن ۾ اهو هيو ته فلسطين اسرائيلين ۽ عرب فلسطينين جي وچ ۾ ٻه صوبا هوندا، اهي پاڻ ۾ گڏجي رهندا. پر يهودين جي چال اها ئي هئي جيڪا هٽلر ڏسي ويو هيو ته هن يهودين کي ان ڪري قتل ڪيو جو اهي نسلي حرفتي ۽ چالاڪ آهن، بيوفا ۽ ملڪ دشمن آهن، ان ڪري هٽلر ڪجهه بچائي ويو ته جيئن دنيا ڏسي ته اهي نسلي حرفتي آهن يا نه! پر ائين لڳندو آهي ته جيڪي هٽلر جي هٿئون ماريا ويا، اهي ايترا حرفتي نه هيا جيترا هي جيڪي بچي ويا آهن سي آهن.
هولوڪاسٽ ۾ جي 60 لک اسرئيلي مئا هئا ته ڪهڙو آسمان ڪري پيو هيو يا ڌرتي کي لوڏو اچي ويو هيو جو هاڻي جي فلسطيني جي مٿان آئي آ ته اهي سڀ عالمي قوتون اٿي کڙيون ٿينديون يا اهي ڪجهه ڪنديون؟ ڳالهه اها آهي ته ان وقت درد به يورپي هيو ته دوا به يورپي هئي، ليگ آف نيشن به انهن جي هٽلر به انهن جو، ان کانپوءِ يو اين او به انهن جي يا جيڪي به ناڪاميون هيون اهي به انهن جون ۽ هاڻي جيڪي به ڪاميابيون آهن يا ناڪاميون آهن اهي به انهن جون. هاڻي جي ”يو اين او“ ناڪام آهي ته اها رڳو اسان مسلمانن جي پاسي آهي، مثال ڪشمير جي ڳالهه جي ڪيون ته اهي قتل ۽ غارت گيري به مسلمانن جي پاسي، افغانستان جون حالتون يا سي اي آءِ جي ايجنڊا به مسلمانن جي پاسي ۽ فلسطين جي ناڪامي به مسلمانن جي پاسي. هاڻي اسرائيلي ان ڳالهه تي بضد آهن ته اهي سموري اسرائيل کي گريٽر اسرائيل ڪري ڏيکاريندا ۽ فسلطيني پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ٿي ويندا ان ڪري ته عالمي طاقتون انهن جي پاسي آهن، اهي انهن جي ڳالهه ٻڌن ٿا، اهي انهن جي حق ۾ ڪم ڪري ڏيکاريندا.
اهو به آمريڪي انتظاميا جو طاقتور اسرائيل لابي کي رد ڪرڻ جي ڪري قبضي واري ويسٽ بئنڪ ۾ آبادي جي توسيع اسرائيلين ۽ فلسطينين جي وچ ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچايو، پر اهڙو ڪو به بيان نه آيو جنهن کي اسرائيل جا عرب اتحادي چئي سگهجي. تنهن هوندي به اسرائيل کي پنهنجي عرب دوستن کي ڌڪ هڻڻ جو بهترين موقعو گذريل مئي ۾ آيو هيو جڏهن 11 ڏينهن ۾ هن غزا کي تباهه ڪيو، رهائشي ۽ تجارتي بلندين کي تباهه ڪيو، جنهن ۾ هڪ هائوسنگ ميڊيا آفيسون شامل آهن، انهن ۾ 39 عورتون ۽ 66 ٻارن سميت 250 ڄڻا مارجي ويا هيا. سراسري طور تي اسرائيل 25 منٽن ۾ 125 بم ڌماڪا ڪيا، جنهن جون تباھ ڪاريون اڃا تائين ويون ناهن، پر غزا جي قتل عام عرب رياستن جي تعاون واري پاليسي تي ڪنهن به رڪاوٽ اثر نه ڪيو، جيئن اسرائيل، آمريڪا ۽ ٻن خليجي رياستن، بحرين ۽ يو اي اي پاران گذريل مهيني ڳاڙهي سمنڊ ۾ گڏيل بحري مشق مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسرائيلي بحريا جي ترجمان موجب پنج ڏينهن واري بحري مشق جو مقصد نار جي علائقي ۾ ايران جي پاور پروجيڪشن کي منهن ڏيڻ هو. جيڪڏهن عربن فلسطين کي ختم ڪيو آهي ته ڪنهن ٻئي نه ڪيو آهي. ستم ظريفي آهي جيئن اهو لڳي ٿو ته اهو سچ ٻڌائڻ لاءِ هڪ جرمن ورتو، ڇاڪاڻ ته هن جي اسرائيل جي آخري دوري تي چانسلر اينجلا مرڪل پنهنجي مهمانن کي ياد ڏياريو ته فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي ضرورت کي ”نظر نه وڃايو“. هڪ اسرائيلي ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهائيندي ميرکل چيو ته متحده عرب امارات جي سفارتي قدمن اسرائيل جي فلسطينين سان امن معاهدي تائين پهچڻ جي ضرورت کي ختم نه ڪيو. ”اسان کي فلسطينين جي جيئڻ جو موقعو ملڻ جي حق کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. تنهن ڪري، ڪنهن به حالت ۾، جيتوڻيڪ اهو آبادين جي ڪري وڌيڪ ۽ وڌيڪ ڏکيو ٿيندو، ٻه رياستي حل جي مسئلي کي نظرانداز نه ڪيو وڃي. ڇا ڪي عرب جرمن جي حمايت ڪندا؟