اين ايف سي ايوارڊ ۽ ننڍا صوبا

تحرير: غلام مصطفيٰ عباسي

ملڪ ۾ اين ايف سي ايوارڊ ابتدائي دور کان ئي تڪراري رھندو پيو اچي جڏھن ته آئين موجب وفاق ۽ صوبن جي مالي وسيلن جي ورڇ يا تقسيم کي منصفاڻي بنائڻ ۽ مالي ورڇ واري توازن کي برقرار رکڻ لاءِ ملڪي آئين جو آرٽيڪل 160 (1) جي موجب وفاقي حڪومت کي ھر پنجن سالن ۾ نئون قومي مالياتي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ آئين پابند بڻائي ٿو. ان تحت وفاق ۽ صوبن جي گڏيل اتفاق سان وسيلن جي ورڇ وارو فارمولو جوڙڻ لاءِ وفاقي وزير خزانا ۽ چئني صوبن جي ٽيڪنيڪل ميمبرن تي ٻڌل نوَ رڪني قومي مالياتي ڪميشن جوڙي وڃي ٿي، جيڪا نئين قومي مالياتي ايوارڊ لاءِ ڪنھن نتيجي يا متفق راءِ تي پھچڻ جي حالت ۾ پنھنجون سفارشون تيار ڪري وفاقي سرڪار ۽ ملڪ جي صدر کي موڪليندي آھي ۽ پوءِ انھن سفارش جي نتيجي ۾ نئون قومي مالياتي ايوارڊ جاري ڪيو ويندو آھي. ستين مالياتي ايوارڊ کي ڏھن سالن کان به وڌيڪ عرصو مڪمل ٿي چڪو آھي پر اڃا تائين نئون اين ايف سي ايوارڊ به نه ڏنو ويو آھي. 18ھين ترميم کانپوءِ ان ۾ آيل سڌارن کي به شڪي بڻايو پيو وڃي عجيب ڪميشنون ٺاھڻ جو رجحان پيدا ڪيو پيو وڃي، جنھن سبب اين ايف سي ايوارڊ کي به جهڙوڪ تڪراري بڻايو ويو آھي مليل آئيني اختيارن کي به ھڪ قسم جو چئلينج درپيش  آھي ڇو ته ايوارڊ کي آئيني تحفظ مليل آھي ۽ صوبن کي ھر سال حصي کان گھٽ رقم ملندي رھي آھن.

سنڌ کي گذريل پنجن سالن ۾ مالياتي حصي کان ٽي سو ارب گھٽ مليا جڏھن ته ھلندڙ مالي سال دوران به ڪٽوتي جا امڪان آھن جنھن لاءِ سنڌ جو وڏو وزير دانھون ڪري رھيو آھي. حڪومت آزاد ڪشمير، گلگت ۽ بلتستان جي لاءِ جيڪا رقم صوبن کان ڏيڻ جي ڳالهھ ڪري رھي آھي در حقيقت اھا ڳالھه نواز شريف جي دور حڪومت ۾ ٿي ھئي جيڪا صوبن قبول نه ڪئي ھئي اھي وفاق جي ماتحت علائقا رھيا آھن سو ان جو خرچ به وفاق ڀري ڇوته آئين ۾ چار صوبا آھن جن ۾ مالي ورڇ ٿيڻي آھي ۽ ھاڻي به سنڌ صوبي جو سربراھ چوي ٿو ته صوبي جو عوام اڳ ئي غربت واري لڪير کان به ھيٺ آھي ۽ آئيني اختيار موجب صوبن جو حصو جيڪو ساڍا ستونجاھ سيڪڙو منظور ڪيل آھي، ان ۾ ڦير ڦار نٿي ڪري سگھجي، جيڪو آئين جي خلاف آھي پر گذريل يا موجوده حڪومت ان ڳالهه کي نظرانداز ڪندي معاملن کي ٽاريندي رھي آھي.

ان سبب ئي مالياتي ڪميشن جي جوڙڻ باوجود مالياتي ايوارڊ جاري ناھي ٿيو، جڏھن ته دستور پاڪستان موجب مالياتي ايوارڊ ھر پنجن سالن کانپوءِ لازمي ٿيڻو آھي پر 2015ع ۾ ايوارڊ جو مدو پورو ٿيڻ جي باوجود ايوارڊ نه ڏيڻ آئين جي خلاف ۽ ان جي ڀڃڪڙي آھي،  جو گذريل 14 سالن کان ستون قومي ايوارڊ لاڳو آھي ۽ 2025ع نئين قومي ايوارڊ جي جاري ڪرڻ جو سال آھي، جنھن لاءِ ھن وقت تائين قومي مالياتي ڪميشن جي جوڙجڪ به ناھي ٿي سگھي. ملڪ ۾ مالياتي ايوارڊ يا اين ايف سي ايوارڊ شروع کان تڪراري رھيو آھي، جنھن جا کوڙ سارا ڪارڻ آھن، ملڪ جي ٺھڻ کانپوءِ ان وقت جي اوڀر پاڪستان کي ان سلسلي ۾ نظرانداز شروع ڪرڻ جا نت نوان طريقا گھڙيا ويندا رھيا آهن، جڏھن ته اتان جي آبادي 52 فيصد کان بھ مٿي ھئي، انھن کي گھٽ ڏيکارڻ لاءِ ون يونٽ ٺاھيو ويو. جيئن ته مالياتي ايوارڊ جي ورڇ جو فارمولو تبديل ٿيو آھي ۽ رڳو آباديءَ جي بنياد تي وسيلن جي ٿيندڙ ورڇ وارو فارمولو اڳ ئي ختم ٿيل آھي، وفاق پنھنجا خرچ گھٽائڻ لاءِ تيار ناھي ۽ اھو بار به صوبن تي وڌو وڃي ٿو ۽ وفاق وٽ پنھنجي ڪابھ آمدني ڪانھي ۽ نه اوڳاڙي جو سسٽم .1973ع جي آئين تحت جيڪي به ايوارڊ ڏنا ويا آھن اھي به آئين موجب ناھن ڏنا ويا. جيڪو 1974ع ۾ ڏنو ويو.

جنرل سليز ٽئڪس، انڪم ٽيڪس، ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس وصول ڪرڻ جو اختيار صوبن کي ھوندو آھي، ڇاڪاڻ ته اھي صوبن جي دائري ڪار جون خدمتون ھونديون آھن، نه ڪي وفاق جون، ڇاڪاڻ ته دنيا جي اڪثرن ملڪن جهڙوڪ ڪئنيڊا، آمريڪا ۽ ھندستان سميت ٻين ملڪن ۾ وفاق جون اڪائيون پنھنجن شين ۽ خدمتن تي ٽئڪس لڳائڻ ۽ اوڳاڙڻ جو اختيار رکن ٿيون پر اسان جي ملڪ ۾ وري اھو ٽئڪس ايف بي آر وصول ڪري رھي آھي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ مضبوط مرڪز ڪمزور صوبا وارو نظريو ھلندڙ آھي. اين ايف سي ايوارڊ لاءِ قابل عمل فارمولا ٺھڻ جي ضرورت ھئي ۽ آھي ته جيئن صوبن جي وچ ۾ اعتماد جي فضا قائم ٿي سگھي ۽ وفاق کي به گھرجي ته حڪومتي خرچ گھٽائي جيستائين نئين قومي مالياتي ايوارڊ جو تعلق آھي ته سال 2025ع ۾ ڏسڻو اھو آھي ته وفاقي حڪومت نئين اين ايف سي ايوارڊ لاءِ قومي مالياتي ڪميشن جوڙي ٿي يا نٿي ٺاھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.