ڪراچي(م ڊ) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ڪراچي حادثن ۾ شهرين جي فوتين ٿيڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس کي ٻيو خط لکيو آهي، جنهن ۾ شهر ۾ انتظامي لاپرواهي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي کي حادثن جو وڏو سبب قرار ڏنو ويو آهي، خط ۾ ڪامران ٽيسوري چيو ته هڪ ئي ڏينهن ۾ 4 شهرين جو فوت ٿيڻ هڪ سنگين مسئلو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته هيوي ٽريفڪ صبح 7 وڳي کان رات 11 وڳي تائين شهر ۾ داخل نه ٿي سگهي، پر عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ٿيڻ جون شڪايتون مسلسل وڌي رهيون آهن، اميد آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ان حوالي سان پنهنجي حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي.