رمضان کان اڳ کنڊ جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) رمضان المبارڪ کان اڳ ملڪ ۾ کنڊ جي وڌندڙ قيمتن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، ملڪ ۾ کنڊ جي وڌ کان وڌ قيمت 160 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي، سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ کنڊ جو سراسري اگهه 154 رپيا 27 پئسا في ڪلوگرام آهي، سال 2025 جي 2 مهينن ۾ کنڊ جو سراسري اگهه 15 رپيا 63 پئسا في ڪلوگرام ٿي ويو آهي، سرڪاري دستاويز موجب گذريل اڍائي مهينن ۾ کنڊ جي سراسري قيمت ۾ 22 رپيا 42 پيسا في ڪلو واڌ ٿي آهي، 2025 جي شروعات ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت 138 رپيا 64 پئسا في ڪلو هئي، انگن اکرن موجب اڍائي مهينا اڳ ملڪ ۾ کنڊ جو سراسري اگهه 131 رپيا 85 پيسا  في ڪلو هو، سرڪاري دستاويز موجب شهباز حڪومت جون کان آڪٽوبر 2024ع دوران 7 لک 50 هزار ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، جنهن کانپوءِ آخري ڀيرو آڪٽوبر 2024ع ۾ 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.