ڪراچي ۾ واپاري تي پارڪنگ مافيا جو وحشياڻو تشدد، زخمي

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي صدر واري موبائيل مارڪيٽ ۾ پارڪنگ مافيا هڪ ڪاروباري شخص کي تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪيو، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز سامهون اچي ويا، رپورٽ موجب ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ موبائيل مارڪيٽ ۾ پارڪنگ مافيا جي درجن کان وڌيڪ  اهلڪارن واپاري کي گهرايو ۽ کيس وحشياڻو تشدد ڪيو، پارڪنگ مافيا جي تشدد جو شڪار ٿيل واپاري اساما جي اکين، مٿي ۽ ٻين حصن تي زخم  رسيا، زخمي کي فوري طبي امداد لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچي ويا،ڪراچي موبائيل اينڊ اليڪٽرڪ ڊيلرز ايسوسي ايشن (ڪميڊا) جي صدر منهاج گلفام موجب واقعو رات جي وقت پارڪنگ جا وڌيڪ پئسا گهرڻ تان پيش آيو، دڪاندار پنهنجي دڪان جي سامهون موٽرسائيڪل پارڪ ڪئي، هن چيو ته دڪاندارن جي پارڪنگ فري آهي پوءِ به هن سئو رپيا ادا ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.