ڀٽ شاهه(رپورٽ: ارشاد ٻگهيو) ملڪ جي هارين، پورهيتن ۽ آبادگارن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ترقي پسند تنظيمن جي اڳواڻن سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن منصوبن کي رد ڪندي سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه ڀٽ شاهه ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياهه مٿان ڇهه نون ڪئنالن جي اڏاوت خلاف عوامي تحريڪ جي سهڪار سان پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي طرفان ملڪگير هاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس ۾ سنڌ، پنجاب، ڪي پي، بلوچستان ۽ سرائيڪي وسيب سميت سڄي ملڪ جي هاري اڳواڻن شرڪت ڪري زرعي ٽيڪس بل کي زراعت تي حملو قرار ڏنو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ملڪ کي آءِ ايم ايف جو غلام بڻايو ويو آهي، آءِ ايم ايف ۽ ٻين سامراجي ادارن جي فرمائش تي ميڊيا ۽ عدليا کي قيد ڪيو ويو آهي. 26هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ پاس ڪيا ويا آهن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه جو پاڻي سنڌين کان ڦري غير ملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي جنرل سيڪريٽري فاروق طارق چيو ته سنڌو درياهه مٿان 6 نوان ڪينال ٺاهي سنڌ سان وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڃي، اڄ اسان هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري سنڌ جي عوام کي اهو يقين ڏيارڻ آيا آهيون ته هن جدوجهد ۾ سنڌ جا ماڻهو اڪيلا ناهن، سڄو ملڪ جو عوام سنڌ جي ماڻهن سان گڏ آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ خلاف ٿيندڙ هن سازش جو آواز پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ به اٿاريو وڃي،سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو گرين پاڪستان، زرعي انقلاب، اڙان پاڪستان جهڙن خوبصورت نعرن ذريعي هارين کي بيدخل ڪيو پيو وڃي،ملڪ وڪرو ڪيو پيو وڃي، ملڪ جون زمينون غير ملڪي ڪمپنين کي ڏئي ملڪي سالميت داءُ تي لڳائي وئي آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي فيڊرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو چيو ته درياهه کي مارڻ جي سازش ٿي رهي آهي، درياهه کي ٽن طريقن سان ماريو پيووڃي، هڪ ڊيم ٺاهي، ٻيو فيڪٽرين جو گدلو پاڻي ڇوڙ ڪري ۽ ٽيون ڪري ڪينال ڪڍيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ جا مسڪين ماڻهو دربدر ٿي رهيا آهن، پر اسان واضح ٿا ڪريون ته سنڌ جو غريب طبقو ئي درياهه کي بچائيندو، جنهن ڪري اسان ميدان تي آهيون. حقوق خلق پارٽي جي جنرل سيڪريٽري عمار علي جان چيو ته سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي زمينن کي بنجر بنائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي اسين ملڪ جي عوام خلاف سازش سمجهون ٿا، جنهن خلاف سگهاري تحريڪ هلائي ويندي.سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون ھي ھاري ڪانفرنس ھيءَ ھاري ڪانفرنس مختلف تنظيمن جو پھريون چتاءُ آھي ته اسان ھارين جي حقن لاءِ ھتي ھڪ ٿيا آھيون، هن چيو ته 85 سيڪڙو سنڌ جا بي زمين ھاري آھن، توھان کي ترقي ڪرڻي آھي ته ھنن بي زمين ھارين کي زمينون ڏيو ته جيئن ملڪ ترقي ڪري سنڌ ترقي ڪري سگھي. وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ عاليه بخشل چيو ته توھان اسان جي ٿر تي قبضو ڪيو، توھان اسان جي ڪاڇي تي قبضو ڪيو، توھان اسان جي ڪارونجھر تي قبضو ڪيو، توھان اسان جي ڍنڍن ۽ ڍورن تي قبضو ڪيو ۽ ھاڻ توھان اسان جي سنڌو درياھ تي قبضو ڪرڻ ٿا چاھيو، سنڌ جو عوام سنڌو درياھ تي ڪڏھن به قبضو ڪرڻ نه ڏيندو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته پيپلز پارٽي اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو ڏئي سنڌي قوم کان ٽئين شيون ڦري ورتيون، ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، انجمن مزارين پنجاب جي صدر مهر غلام عباس، سنڌ هاري پورهيت ڪميٽي جي صدر فيض ڪيريو، ڪسان ڪرڪيه تنظيم مردان جي اڳواڻ گلزار خان، حقوق خلق پارٽي جي اڳواڻ رفعت مقصود، حسنين جميل فريدي، هاري جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻ علي کوسو، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي سينيئر نائب صدر يونس راهو، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري،درياهه خان زئور، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، لال جروار، عبدالقادر رانٽو، اديب پروفيسر مشتاق ميراڻي، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر حاجي خان سمون، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر نويد عباس ڪلهوڙو،سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي آرگنائزر ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي صدر علي احمد جتوئي، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، مريم انڙ، شمشاد لغاري، علي نواز ڏاهري،بلاول لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مريم نواز هڪ اداري جي سربراهه سان گڏجي چولستان ۾ گرين پاڪستان منصوبي جو افتتاح ڪري، سنڌ کي ريگستان بڻائڻ جي سازش کي عملي جامو پهرايو آهي، پيپلز پارٽي جي مجرماڻي ماٺ ٻڌائي ٿي ته پيپلز پارٽي صدارتي سيٽ عيوض سنڌو درياهه وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته سموري ملڪ جي هارين جا اڪثر مسئلا ساڳيا آهن، هارين کي فصلن جو مناسب اگهه نٿو ملي. ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سموري ملڪ ۾ هارين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي، زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. چولستان جيان سنڌ جي ڪاڇي، ٿر، عمرڪوٽ سميت سنڌ جي چپي چپي تي قبضو ڪيو پيو وڃي، گولاڙچي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڳوٺاڻن کي جبري طور لڏايو.