ميهڙ/ ڀان سيدآباد/ دادو / سيوهڻ (رپورٽ: فراز چنا/ آدم مينگل/ غوث جهتيال / خالد ميمڻ) سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ، پيڪا آرڊيننس ، بوگس ترميمن ۽ ٻين مسئلن خلاف ”درياءُ بچايو تحريڪ“ جي سڏ تي سيوهڻ کان بيداري مارچ ڪڍيو ويو، جيڪو دادو، ڀان سيدآباد کان ٿيندو ميهڙ پهتو، جتي انڊس هاءِ وي سان گڏ ٻرڙا پمپ تي جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي جي ميزباني ھيٺ جلسو ڪوٺايو ويو، بيداري مارچ جون سوين گاڏيون ھجڻ ڪري جلسي دوران انڊس هاءِ وي بند ٿي ويو، ان کان اڳ قافلي تي وک وک تي شاندار آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي، علائقا ڪئنال سمورا نامنظور جي نعرن سان گونجي ويا، جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ پير صدرالدين شاھ راشدي چيو ته عوام جي ھيڏي ميڙ کي ڏسي اميد پيدا ٿي آھي ته ھاڻي سنڌ وڌيڪ تڪليفون برداشت نه ڪندي، سنڌين کي ننڌڻڪو نه سمجھو، اسان فيڊريشن جو حصو آھيون، ان ڪري اسان کي پنھنجا حق گھرڻ کان اڳ پاڻي ڏيو، سوشل ميڊيا جو دؤر آھي ماڻھن کي سجاڳي ڏيو ته جيئن اھي ھن سنڌ دشمن فيصلن خلاف آواز اٿارين، درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر ۽ ايس يو پي جي سربراھه سيد زين شاھه خطاب ڪندي چيو ته پ پ پ وارن سنڌ جو سودو ڪري ڇڏيو آھي، اسان سنڌ جي ماڻھن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته طاقت جي زور تي اسان کان درياهه کسيو پيو وڃي، گرين پاڪستان سنڌ جي زمينن ۽ پاڻي تي ڇو؟ جيڪڏهن ھي گرين پاڪستان بڻائڻ ٿا ته اھي پنھنجي زمينن ۽ پاڻي تي ٺاھين، سنڌ جو پاڻي نه کڻن، اسان سڀ نظريه ٻڌا آھن اوھان جيڪو به چئو ٿا اھو پاڪستان جو آئين ناھي، اسان پاڪستان جي آئين موجب ھلنداسين، اوھان پنھنجون تقريرون پاڻ وٽ رکو، ملڪ کي آئين تي ھلڻ ڏيو، آئين جي ابتڙ ڪئنالن جو اعلان ڪيو ويو آھي، اسان کي عربي ۽ انگريزي ٻولين ۾ منجھايو نه وڃي، جيڪڏهن سنڌين کي اوھان ماريندئو ته پوءِ ڪو به سلامت نه رھي سگھندو، اسان گذارش ٿا ڪريون ته آئين جي ابتڙ شروع ڪيل ڌنڌو ختم ڪيو ۽ غير آئيني ڪئنال ڪڍڻ بند ڪريو، جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا حڪمران گارنٽي ڏئي آيا آھن ته اوھان سان سنڌ جو سودو ڪيو آھي ۽ سنڌ ماٺ رھندي ۽ سنڌ انھن جي حوالي ڪئي آھي، سنڌين کي سڱ چٽي ۾ ڏنو ويو آھي پر ھنن کي غلط فھمي آھي، ھي بنگال جي تاريخ مان سبق سکن، سنڌي ماڻھو توھان جا ھي پروجيڪٽ ڪڏھن به قبول نه ڪندا، اسان سنڌ جي زمينن، بندرگاھن، ڪارونجھر ۽ ڪراچي تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪئنال ٺھيا ته سنڌي ماڻھو پاڻي جي ڦڙي لاءِ سڪي ويندا، اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي چيو ته پ پ پ جي سازش آھي ته ڪئنال ڪڍي سنڌ کي تباھه ڪريون، اسان بوگس اسيمبلين کي رد ڪريون ٿا، بوگس اليڪشنون ختم ڪري ملڪ ۾ ٻيھر اليڪشن ڪرائي وڃي، پيڪا آرڊيننس ختم ڪيو وڃي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته ملڪ ۾ اڻ برابري جو نظام آھي، اسان جي زمينن تي ڌاڙو پيو لڳي، زمينن تي قبضا پيا وڃن، سنڌي ماڻھو پنھنجي ڌرتي ۽ درياهه کي بچائڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا آھن، ھڪ صوبي کي آباد ۽ ٻئي صوبي کي برباد ڪرڻ ڪيئن ممڪن آھي؟ ڪروڙين سنڌي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پنھنجا ننگ ۽ دنگ بچائيندا، جي ڊي اي اڳواڻ صفدر عباسي چيو ته سيوھڻ کان ميھڙ تائين عوام حڪمرانن کي رد ڪيو آھي، سندو ڌريا۽ جي پاڻي تي سنڌين جو حق آھي، درياھه تي داڙو برداشت نه ڪنداسين، پنھنجا شھر ، زمينون سامونڊي پٽي تباھ ٿيڻ نه ڏينداسين، اربين روپين ٽيڪس ڏيون ٿا، سنڌ جا ماڻھو زرداري ۽ اسٽبلشمينٽ خلاف اٿي کڙا ٿين، پي ٽي آءِ سنڌ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مسرور سيال جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پاڪستان کي ٺاھيندڙ آھي، اسان ملڪ جا وارث آھيون، نه ٿا چاھيون ته وفاق ڪو اھڙو عمل ڪري جنھن سان ملڪ ڪمزور ٿئي، اھڙي منصوبي کي قبول نه ڪنداسين، ملڪ جون حالتون ڇڪتاڻ برداشت ڪرڻ جھڙيون ناھن، سنڌ جا ماڻھو ڪمزور ناھن، سنڌي ماڻھو ھنن منصوبن خلاف اٿي کڙا ٿين ۽ درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏين، جلسي کي خطاب ڪندي حسنين مرزا چيو ته ھي 47 فارم جي پيداوار آھن، ھنن کي عوام جو ڪو قدر ناھي، ھنن سنڌ جي مستقبل کي تباھ ڪيو آھي، ايم پي اي معظم خان عباسي چيو ته واھرو ويري ٿيا آھن، جيڪڏھن ھي سنڌي عوام سان گڏ بيھي حمايت ختم ڪن ته پاڻي جا منصوبا رد ٿيندا، نيشنل پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اگوڻي ايم پي اي مسرور جتوئي چيو ته ھتي اچڻ جو مقصد عوام جي اھو ٻڌائڻ آھي ته سنڌ جو پاڻي ۽ توھان جي مستقبل تي ڌاڙو پيو لڳي، جيڪڏهن توھان ۽ اسان کي جيئڻو آھي ۽ مستقبل بچائڻو آھي ته اٿو ۽ جدوجهد ڪريون، جلسي کي مظهر راهوجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.