سنڌ حڪومت غريب عوام کي مهانگي بجلي جي بار کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ توانائي جي واڌاري لاءِ سولر انرجي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي. وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سکر ۾ ٿيل هڪ تقريب دوران هن منصوبي جو باقاعده اعلان ڪيو هن منصوبي تحت سنڌ جي پنج لکن کان وڌيڪ غريب عوام ۾ سولر سسٽم ورهايو ويندو ته جيئن عوام رليف مهيا ڪري سگهجي
هي منصوبو عالمي بينڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن جي سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ ۾ قابل تجديد توانائي جي ميدان ۾ هڪ انقلابي قدم ثابت ٿي سگهي ٿو، سنڌ حڪومت پاران کنيل قدم جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته عالمي سطح تي شمسي توانائي جي ترقي هڪ اهم رجحان بڻجي چڪي آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن خاص طور تي چين، جرمني ۽ آمريڪا، شمسي توانائي تي وڏيون سيڙپڪاريون ڪري رهيا آهن. پاڪستان خاص طور تي سنڌ شمسي توانائي جي منصوبن جي وڏي صلاحيت رکي ٿو، جنهن جو فائدو ورتو وڃي ته مستقبل ۾ انرجي بحران کي گهٽائي سگهجي ٿو
سرڪاري عمارتن کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ وارو قدم توانائي جي خرچن کي گهٽائڻ ۽ وسيلن کي عوامي ڀلائي جي ٻين منصوبن لاءِ وقف ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، هن وقت تائين 45 سرڪاري عمارتن کي سولر سسٽم تي منتقل ڪيو ويو آهي جن ۾ سينٽرل جيل ڪراچي ۽ ٻيا اهم ادارا شامل آهن ان سان گڏوگڏ 656 اسڪولن ۽ 25 سينٽرل لائبريرين کي به شمسي توانائي سان منسلڪ ڪرڻ جا منصوبا جاري آهن. جيڪي تعليمي ادارن جي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ مثبت قدم ثابت ٿي سگهن ٿا. غريب عوام لاءِ ٻه لک گهرن کي شمسي توانائي مهيا ڪرڻ واري منصوبي تحت هر گهر کي هڪ سولر پليٽ، هڪ پکو، ٽي بلب، بيٽري بيڪ اپ ۽ موبائل چارجرفراهم ڪيو پيو وڃي هي منصوبو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل خاندانن لاءِ مخصوص آهي، جنهن سان مستحق گھراڻن کي بجلي جي مستقل ۽ مفت سهولت حاصل ٿيندي ان سان نه رڳو ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿيندو پر بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ به واضح گهٽتائي ايندي.
وڏي پيماني تي توانائي جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪينجهر ڍنڍ تي فلوٽنگ سولر پينلز لڳائڻ جو منصوبو شامل آهي هي منصوبو قابل تجديد توانائي جي واڌاري لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو ان سان گڏوگڏ ڪراچي ۾ روزانو 15 هزار ٽن ڪچري مان 50 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو به غور هيٺ آهي جيڪڏهن اهي منصوبا ڪامياب ٿين ٿا ته سنڌ جي توانائي جي مجموعي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي هي حقيقت آهي ته هن منصوبي مان نه رڳو عوام کي فائدو ٿيندو پر پيپلز پارٽي کي به سياسي سطح تي مثبت اثر ملندا سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بجلي جي بحران سبب عوام مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ حڪومت هن منصوبي کي مؤثر طريقي سان مڪمل ڪري ٿي ته پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۾ اضافو يقيني آهي سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه لاءِ هي منصوبو سندس سياسي بصيرت ۽ ڪارڪردگي کي اجاگر ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي سنڌ حڪومت پاران کنيل هي قدم عوامي مسئلن جي حل ڏانهن هڪ مثبت قدم ثابت ٿي سگهي ٿو خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هن جي مقبوليت ۾ اضافو ممڪن آهي جتي بجلي جي اڻاٺ هڪ پراڻو مسئلو آهي جيڪڏهن ان تي مڪمل شفافيت ۽ مؤثر حڪمت عملي سان عمل ڪيو وڃي ته هي هڪ تاريخي اڳڀرائي ثابت ٿيندي جيڪا سنڌ جي عوام لاءِ ڊگهي مدي وارا فائدا مهيا ڪندي شمسي توانائي جو رجحان مستقبل جي توانائي مسئلن جو حل ٿي سگهي ٿو پر ان جو دارومدار حڪومتي عملداري ۽ مؤثر منصوبابندي تي آهي جيڪڏهن سنڌ حڪومت هن منصوبي کي ڪاميابي سان مڪمل ڪري ٿي ته هي عوامي ڀلائي سان گڏوگڏ پيپلز پارٽي جي سياسي حيثيت کي به وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. هي هڪ تاريخي اڳڀرائي ثابت ٿي سگهي ٿي جيڪا سنڌ جي عوام لاءِ ڊگهي مدي وارا فائدا مهيا ڪندي ۽ ملڪ ۾ شمسي توانائي جي واڌاري جو سبب بڻجندي