15 فيبروري جي اڀاڳي صبح سوير اخبارون جي انتظار ۾ ويٺا هئاسين هاڪر اخبارون پهچايون اڃا دنيا جون خبرون پڙهڻ لاءِ اخبار هٿ ۾ کنئي ته ڀرسان ويٺل هڪ دوست اوچتو اسان وٽ آيو اکيون موبائل ۾ هئس فيسبوڪ تي آيل خبر پڙهي ٻڌائڻ لڳو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري حيدرآباد واري گهر ۾ باھ ۾ سڙي فوت ٿي ويو آهي.اهڙي خبر ٻڌي اکين ۾ لڙڪ گڏ ٿي ويا اخبار هيٺ رکيم ان وقت خبر ناهي ڪهڙي ڪيفيت طاري ٿي وئي،اکيون اڳيان موجود ڪا به شي غور سان ڏسي نه پئي سگهيس ڪجهھ به نه پئي وڻيو، دل ۽ دماغ گهٻرائجي ويا ته آخر هي ڇا ٿي ويو!
هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ خواهش هئي ته سنڌ جي هن مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر سان ملجي ۽ پوءِ اها خواهش ڊاڪٽر آڪاش سان پهرين روبرو ملاقات انٽرويو رڪارڊنگ جي سلسلي ۾ گولاڙچي واسي استاد سائين جميل ميمڻ سان گڏ سندس بدين واري گهر ۾ ٿي،جتي اسان سندس تقريبن 30 منٽن جو انٽرويو پڻ رڪارڊ ڪيو جيڪو سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب تي موجود آهي، سوالن ۽ جوابن تي ٻڌل اها پهرين پرتجسس ڪچهري هئي، تقريبن 15 جي لڳ ڀڳ سوال هئا جن مان ڪجهه منهنجي حصي ۾ ۽ ڪجهه ساٿي اينڪر جميل ميمڻ ڪيا، ان دوران ڊاڪٽر آڪاش جي زندگي ۽ شاعري بابت تمام گهڻي معلومات ملي.
بدين واري گهر تي ڊاڪٽر آڪاش اڪثر ڪري اڪيلو رهندو هو هن هڪ خواهش ظاهر ڪئي ۽ اسان کي چيائين ته منهنجي خواهش آهي ته اوهان منهنجو قسطوار تفصيلي انٽرويو رڪارڊ ڪري ڀلي ان ۾ ڪجهه وقت لڳي ته لڳڻ ڏيو پر اوهان سياست،ادب ۽ شاعري سميت منهنجي زندگي جي مختلف پهلوئن جي يادگيرين کي ترتيب وار انٽرويو جي شڪل ۾ رڪارڊ ڪريو، جنهن تي اسان ڪجهه وقت جي مهلت گهرندي آڪاش صاحب جي ان تجويز تي حامي ڀري پر وقت جي بي لغام گهوڙي اڃا اهڙو موقعو ئي نه ڏنو تيستائين آڪاش اسان کان اوچتو ۽ ايئن موڪلائي ويو بس!
آڪاش سائين جي زندگي جا ڪيترائي پاسا آهن هن ميڊيڪل جي تعليم ۾ ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد ڊاڪٽري جو پيشو به جوائن ڪيو پر سندس جي بقول ته هن کي پنهنجي شاگردي واري زماني کان ئي شاعري جو شوق هو ان وقت کان ئي هو قومي، مزاحمتي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو، هن کاٻي ڌر جي سياست ۾ پڻ حصو ورتو ۽ عوامي تحريڪ ۾ تقريبن 15 سال مختلف اهم ۽ ذميوار عهدن تي رهي پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو ۽ ڪافي عرصو سرگرم رهيو، هن اسان کي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ضياءَ جي سخت ترين مارشلائي دور ۾ به هن مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري لکي ۽ ان ڏوھ ۾ جيل به ويو، بعد ۾ نوي جي ڏهاڪي کانپوءِ هن صحافت ۾ به پير پاتو ۽ ”سوال“ نالي سان روزاني اخبار جاري ڪئي جنهن جا پاڻ چيف ايڊيٽر ۽ سندس دوست حسن درس ايڊيٽر هئا، بعد بدين ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقي لاءِ ”بدين رورل ڊولپمين“ جي نالي سان پنهنجي اين جي او به قائم ڪئي ۽ تعليم واري پاسي تي ڪم پڻ ڪيو.
بهرحال، آڪاش انصاري جو جيڪو نمايان پاسو آهي اهو آهي شاعري! سندس شاعري جا 2 ڪتاب ”ڪيئن رهان جلاوطن“ ۽ ٻيو ”اڌورا اڌورا“ ڇپجي چڪا آهن جيڪي ادب سان چاھ رکندڙ هر ماڻهو ۽ شاگردن جي پسند ۾ شامل هوندا آهن،
موت سنڌ جي ”آڪاش“ کي وڌيڪ جيئڻ جي مهلت نه ڏني ۽ موت پنهنجي ريت نه بدلائي ۽ موت نيٺ سنڌ جي ”آڪاش“ کي وقت کان اڳ ماري سنڌ جو مياري ٿي ويو! خبر ناهي سنڌ پنهنجي هن ”آڪاش“ جهڙو خوبصورت شاعر وري ڪڏهن پيدا ڪندي!
هن هڪ خواهش ظاهر ڪئي ۽ اسان کي چيائين ته منهنجي خواهش آهي ته اوهان منهنجو قسطوار تفصيلي انٽرويو رڪارڊ ڪري ڀلي ان ۾ ڪجهه وقت لڳي ته لڳڻ ڏيو پر اوهان سياست،ادب ۽ شاعري سميت منهنجي زندگي جي مختلف پهلوئن جي يادگيرين کي ترتيب وار انٽرويو جي شڪل ۾ رڪارڊ ڪريو، جنهن تي اسان ڪجهه وقت جي مهلت گهرندي آڪاش صاحب جي ان تجويز تي حامي ڀري پر وقت جي بي لغام گهوڙي اڃا اهڙو موقعو ئي نه ڏنو تيستائين آڪاش اسان کان اوچتو ۽ ايئن موڪلائي ويو بس!