لاڙڪاڻو، جيڪو تاريخ، ثقافت، علم، ۽ سياست جو اهم مرڪز رهيو آهي، اڄ بحرانن جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو. هيءُ شهر، جيڪو ڪڏهن سنڌ جي فڪري ۽ سياسي واڌاري جو مرڪز هو، هاڻي بدامني، ڏوهارين جي بي خوف سرگرمين، ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ناڪاميءَ سبب مسلسل انتشار جو شڪار ٿي رهيو آهي. شهر ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ اضافو، عوام کي مستقل طور تي خوف ۽ بي اعتماديءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. چوريون، ڦرون، قتل، قبيلائي جهيڙا، ۽ منشيات جو واپار روزانو جي معمول جو حصو بڻجي چڪا آهن. عوامي هنڌن تي ڦرون انتهائي عام ٿي چڪيون آهن.
ڪاروباري مرڪزن، مارڪيٽن، ۽ رهائشي علائقن ۾ ڏوهارين جو راڄ آهي، جتي معصوم شهري آسانيءَ سان سندن شڪار بڻجي وڃن ٿا. قتل ۽ ٻيون ڏوهي ڪارروايون، قبيلائي دشمني هجي يا ، قتل جي وارداتن ۾ اضافو شهر کي خوني ماحول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي غيرسنجيدگي سبب قاتل بي خوف گهمي رهيا آهن، لاڙڪاڻي جهڙي شهر، جتي ماضيءَ ۾ سڄي سنڌ مان شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هئا، اڄ اسڪولن، ڪاليجن، ۽ يونيورسٽين ۾ عدم تحفظ جي ڪيفيٽ ڇانيل آهي. والدين پنهنجي ٻارن کي تعليم لاءِ موڪلڻ کان ڊڄن ٿا، ڇو ته تعليمي ادارن جي ڀرسان ڏوهاري ۽ منشيات فروش بي خوف سرگرم آهن. شهر کي ٻيهر امن ۽ استحڪام ڏيارڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي آفاق احمد آفاق