سنڌو مان ڪينالن خلاف اڄ المنظر وٽ انساني زنجير ٺاهي ويندي

حيدرآباد ( رپورٽر)ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان اڄ ڪارپورٽنگ فارمنگ ۽ سنڌو تي  ڪينال ڪڍڻ خلاف انساني زنجير ٺاھي  اڄ المنظر ڄامشورو تي احتجاج ڪندي  ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ، عوامي جمھوري پارٽي، جيئي سنڌ محاذ، نيشنل پارٽي، وطن دوست پارٽي، عوامي حقوق گروپ، نامور دانشور حسين بخش ٿيٻو، نامور صحافي ۽ اينڪر سھيل سانگي، نامور دانشور ڊاڪٽر توصيف احمد، عبدالخالق زادران، مير مظهر ٽالپر ۽ ٻين مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي دعوت ڏني وئي آهي، جن شرڪت جو يقين ڏياريو آهي. پريس رليز موجب ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو پروفيسر ولي انجم پنجاب جي، ڪامريڊ احمدعلي خيبرپختونخواه جي، ڪامريڊ ڄام بشير سرائيڪي وسيب جي، ڪامريڊ فرحاد رند بلوچستان جي ۽ ڪامريڊ سلطان ڪشميري ڄمون ڪشمير جي وفدن جي نمائندگي ڪندا. پريس رليز ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي، جڏهن ته ان احتجاجي تقريب ۾ عام شهرين کي ڀرپور شرڪت لاءِ رابطا مهم به جاري آهي. ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت باقي سياسي پارٽين، گروپن، فورمن، عوام دوست ڪارڪنن، شاگردن، نوجوانن، عورتن، ملازمن، هارين، آبادگارن، دانشورن، وڪيلن، استادن، صحافين، ننڍن زميندارن، ڳوٺاڻن ۽ سمورن شهرين کي گذارش ڪئي آھي ته اھي مقرر وقت تي ڄامشورو پل، المنظر تي 2 وڳي تائين پهچن، ته جيئن هٿن جي زنجير ٺاهڻ سان گڏ سمورين پارٽين جا اڳواڻ ۽ دانشور پڻ پنهنجي خيالن جو ڀرپور اظهار ڪري سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.