خيرپور/راڻيپور (مختيار ڦلپوٽو/عبدالمتين مهر/فياض حسين راڄپر) قومي شاهراهه تي راڻيپور لڳ گڏيجي پل وٽ پنجاب جي شهر ڀوري والا کان سيوهڻ ويندڙ پانڌيئڙن جي بس رڪشا کي چائيندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 55 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، اڪثر زخمين جون ڄنگهون ۽ ٻانهون ڀڃي پيون. حادثي بعد ريسڪيو 1122، ايدهي، پوليس، رينجرز ۽ مقامي ڳوٺاڻن امدادي ڪارروائين ۾ حصو وٺندي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي راڻيپور ۽ گمبٽ جي اسپتالن منتقل ڪيو. واقعي کانپوءِ اسپتالن ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪئي وئي. فوتين ۾ نذير علي، عطا محمد، راڻي خاتون، محمد شاهد، فيصل حيات، بابر علي، حميد علي، اصغر ڪاڪا، محمد شهزاد ۽ محمد ياسين شامل آهن. فوتين مان 8 جا لاش گمبٽ ۽ 2 جا راڻيپور اسپتال ۾ آندا ويا. حادثي ۾ زخمين ٿيلن ۾ نذيران بي بي، سلمان شھزاد، امتياز علي،ظفر اقبال، محمد اڪرم، محمد نذير، محمد اسلم، احمد بخش، تنوير بي بي، جنت بي بي، محمد رياض، وزيران، بلاول،ساجد احمد،افتخار احمد، ريحان علي، عباس علي، محمد بشير، محمد آصف، محمد نذير، محمد اڪرم، عبدالحميد، ظفر احمد، قمر، نذير احمد، فراز، نتاشا فاطمه، عبدالغفور، محمد رياض،ناصر، پٺاڻي خاتون، مبارڪ علي، عبدالروف، زرينا خاتون، وحيدہ، محمد صدا، مختيار حسين ۽ ٻيا شامل آھن جن مان 12 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي ۽ فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. حادثي دوران ڪلٽي ٿيل بس جو نمبر MBA77 آهي. حادثي سبب سموري علائقي ۾ سوڳ ۽ خوف جو ماحول ڇائنجي ويو.