قيدي تي تشدد ڪرڻ جي الزام هيٺ پوليس اهلڪار جو پٽ وچ شهر ۾ قتل

نوشھرو فيروز ( ن ع آ ) نوشھرو فيروز سبزي منڊي ۾جوابدار عبدالقيوم ڀٽي فائرنگ ڪري  25 ورهين جي نوجوان وقار مشوري کي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان کي قتل ڪرڻ وقت جوابدار چوندو رهيو ته هنن جي دشمني آھي ڪير به هن جي ويجھو نه وڃي، جوابدار وچ شھر اندر 8 گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪيو، مقتول جو لاش سبزي منڊي جي پورهيتن کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جوابدارعبدالقيوم ڀٽي کي ڪورٽ پوليس ڪورٽ گيٽ  اڳيان گرفتار ڪري ورتو، قتل جو ڪارڻ جيل ۾ قيد ٿيل عبدالقيوم ڀٽي جي ڀاءُ تي سلطان مشوري پاران جيل ۾ تشدد ڪرڻ تي اھڙو واقعو پيش آيو، فوتي جو مڙھه گھر ۾ پھچڻ تي قھرام مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.